ڪراچي-29 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيوآهي ته ميڊيا انڊسٽري کي هڪ تعميري ۽ مثبت معاشري جي تعمير ۾ هڪ طاقتور ڪردار ادا ڪرڻو آهي. اسان کي اثرائتي ۽ ذميواراڻي مواد جي تخليق ذريعي انتهاپسند بيانئي جو فعال طور تي مقابلو ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جو مقصد سماجي ھم آھنگي لاءِ خطرو بڻجندڙ ڌرين جي حوصلا شڪني ڪندي اتحاد، حب الوطني ۽ ثقافتي شعور کي ھٿي ڏيڻ ۽ فلمن، ڊرامن ۽ ڊجيٽل مواد ذريعي سنڌ جي ثقافتي ورثي کي اجاگر ڪرڻ آهي. اهڙو اظهار هن ڪراچي ۾ ڪنٽينٽ اينڊ پروڊڪشن اوور سائيٽ بورڊ جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انتهاپسندي ۽ منفي عنصرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ تعميري بيانيي کي ھٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس دوران، بورڊ ميمبرن ذميوار مواد جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ مختلف پراڊڪشن ادارن امن، رواداري، سماجي هم آهنگي ۽ ثقافتي ورثي کي ھٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجا خيال پيش ڪيا. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جو مقصد ميڊيا هائوسز، فلمسازن ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن سان گڏجي مثبت پيغام پهچائڻ لاءِ سھڪار ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ، ڊي جي اطلاعات سليم خان، ڊائريڪٽر فلمز حزب الله ميمڻ، سارنگ لطيف چانڊيو، جڏهن ته بورڊ ميمبرن قاضي اسد عابد، ورده سليم اذان سميع خان، نمرا ملڪ، زالي سرحدي، حسن اصغر نقوي شرڪت ڪئي.