واشنگٽن _29 جنوري (اي پي پي)آمريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن پنهنجي پرڏيهي وزارت دوران جي يادگيرين کي لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن لاءِ پبلشر سان معاهدو به طئي ٿي ويو آهي. ڇپائي جي تاريخ جو بعد ۾ تعين ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق انٽوني بلنڪن جي ان متوقع ڪتاب جو نالو اي ڪينڊڊ بڪ هوندو جنهن ۾ هو پنهنجي پرڏيهي وزارت جي دور جي يادگيرين ۾ اهڙي جهلڪ پيش ڪندو جيڪا عام طورتي ماڻهن جي سامهون نه هئي ۽ نه ئي آهي . ڪتاب ۾ يوڪرين تي روس جي حملي، غزه ۾ اسرائيل جي جنگ ۽ ٻين بحرانن کان علاوه تڪراري معاملا ۽ وڏن چئلينجز جي هڪ منفرد جهلڪ شامل ڪئي ويندي ته هو ڪهڙي طرح آمريڪا جي اڳوڻي صدر جوبائيڊن سان انهن معاملن کي منهن ڏيندو رهيو. ٻڌايو ويو آهي ته ڪتاب جي اشاعت جي تاريخ سان گڏ ڪتاب جو ٽائيٽل به بعد ۾ طئي ڪيو ويندو. اميد ڪئي پئي وڃي ته آمريڪي انتظاميه اندروني سطح تي ٿيل ڳالهين، بحثن، فيصلن ۽ قدمن جي احاطي تي ٻڌل هن ڪتاب ذريعي يوڪرين جنگ جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين جي اندروني ڪهاڻي پهريون ڀيرو سامهون ايندي ته يوڪرين – روس جنگ جو اهو تڪرار دنيا کي 50 سالن کان وڌيڪ عرصي تي پکڙيل وقت ۾ پهريون ڀيرو ايٽمي تڪرار جي ايتري قدر ويجهو کڻي ويو هو. ان ڪتاب جي امڪاني پبلشر دعويٰ ڪئي آهي ته انٽوني بلنڪن جي ان ڪتاب ۾ پڙهندڙن کي اهم معلومات پڙهڻ لاءِ ملي سگهندي جنهن ۾ چين سان تڪرار کي خطرناڪ حد تائين وڌڻ کان روڪڻ لاءِ ڪيل بحث به پڙهڻ لاءِ ملي سگهندا. 62 سالن جو انٽوني بلنڪن، ڪلنٽن انتظاميه سان به ڪم ڪري چڪو آهي جڏهن ته هو 2020ع جي صدارتي اليڪشن ۾ جوبائيڊن سان گڏ پرڏيهي پاليسي جي مشير طور ڪم ڪري رهيو هو جنهن بعد کيس پرڏيهي وزير بڻايو ويو. صدر جوبائيڊن ۽ سندس انتظاميه کان علاوه انٽوني بلنڪن کي به افغانستان مان آمريڪي فوج جي واپسي تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو. اهڙي طرح فلسطينين خلاف اسرائيل جي مدد جي پالسي سبب به هو تنقيد هيٺ رهيو ، هو انهن سڀني ڳالهين کي پنهنجي ڪتاب ۾ آڻي پڙهندڙن کي فيصلي سازي جي عمل ۽ درپيش چئلينجز کان سڌي ريت آگاهه ڪري سگهندو . پرڏيهي وزارت جي آخري ڏينهن هن اي پي کي هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته هو اميد رکي ٿو ته هو جيڪو ورثو ڇڏي پيو وڃي ان جي بنياد تي آمريڪا ۽ ان جي مستقبل لاءِ هڪ مضبوط بنياد رکي سگهجي.