تهران – 29 جنوري (اي پي پي ) ايران چيو آهي ته آمريڪا کي ايٽمي پروگرام تي ڳالهين لاءِ پهريان اسان جو اعتماد بحال ڪرڻو پوندو. ايٽمي پروگرام تي حملو ٿيو ته ڀرپُور جواب ڏينداسين. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن اها ڳالهه هڪ انٽرويو ۾ چئي. هن چيو ته پراڻي وقت کان اڄ جي صورتحال مختلف آهي. ٻي ڌر طرفان ڪيترين ئي شين جي ضرورت آهي ته جيئن اسان ان تي اعتماد ڪري سگهون. عباس عراقچي چيو ته آمريڪي انتظاميه سان سٺن لفظن کان علاوه ڪجهه ناهي ٻڌو پر ظاهر آهي ته اها ڳالهه ناڪافي آهي. سندس چوڻ هو ته اسان جي ايٽمي پروگرام تي حملو ٿيو ته اسان به فيصلائتو جواب ڏينداسين جنهن سان علائقي ۾ گهڻي تباهي ٿيندي. واضع رهي ته خميس ڏينهن آمريڪي صدر ڊنلڊ ٽرمپ چيو هو ته هو ايراني ايٽمي پروگرام تي فوجي حملو ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ چاهي ٿو. اميد آهي ته ان معاملي تي معاهدو ٿي ويندو.