بوسان _ 29 جنوري (اي پي پي ) ڏکڻ ڪوريا جي شهر بوسان جي عالمي هوائي اڏي تي مسافر جهاز ۾ باهه لڳڻ سبب 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا ڏکڻ ڪوريا جي اختيارين جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ايئربوسان جو جهاز اي 32120 جيڪو بوسان جي عالمي هوائي اڏي کان هانگ ڪانگ لاءِ روانو ٿيڻ وارو هيو ته ان جي پهرين حصي ۾ اڏام کان اڳ ئي باهه لڳي وئي. جهاز ۾ 169 مسافر، 6 عملي جا ميمبر ۽ هڪ مينٽيننس ورڪر سوار هو. انهن سڀني کي هنگامي ايئر سلائيڊ ذريعي حفاظت سان ٻاهر ڪڍيو ويو. فوري طور تي باهه لڳڻ جو سبب معلوم ناهي ٿي سگهيو. واقعي جي جلد ئي ڏکڻ ڪوريا جي لاڳاپيل وزارت جي خصوصي جاچ ٽيم جوڙي وئي ۽ 7 ماهرن کي واقعي واري هنڌ پهچڻ جو اعلان ڪيو. وزارت جي هوابازي ۽ فني معلوماتي نظام مطابق اهو جهاز 17 سال کان سروس ۾ هو . اختياريون جهاز جي سارسنڀال ۽ فني مسئلن جي سمورن رخن جو جائزو وٺي رهيون آهن.