گڏيل قومون -29 جنوري (اي پي پي ) انساني معاملن بابت گڏيل قومن جي آفيس چيو آهي اڄ منجهند تائين 3 لک 76 هزار فلسطيني غزه پٽي جي اتر پاسي واپس اچي چڪا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب انساني معاملن واري آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پنڌ واپسي ذريعي ان مشڪل مرحلي کي طئي ڪندڙن ۾ ڳورهاريون ۽ کير پياريندڙ عورتون ، بزرگ، معذور ۽ بيمارين ۾ مبتلا ۽ فوجي طبي نگهداشت جا ضرورت مند ماڻهو شامل آهن. ان کان علاوه ننڍي عمر جا معصوم يتيم ٻار به ان هجوم جي ڪمزور ترين طبقي مان آهن. گڏيل قومن جي آفيس ٻڌايو آهي ته بي گهر ماڻهن ۾ 50 سيڪڙو مرد جڏهن ته 25 سيڪڙو عورتون ۽ 25 سيڪڙو ٻار شامل آهن.