سنگاپور-29 جنوري (اي پي پي)بيلجئيم جي ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي سيڪنڊ سيڊ ايليس مرٽينز سنگاپور اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتن جي سنگل مقابلن ۾ ڪامياب شروعات ڪندي ٻي رائونڊ ۾ پهچي وئي آهي. بيلجئيم جي 29 سالن جي ٽينس اسٽار ايليس مرٽينز بهترين راند پيش ڪندي عورتن جي سنگلز مقابلن جي شرعاتي رائونڊ ۾ آمريڪي مخالف رانديگر ٽيلر ٽائون سينڊ کي هارائي ٻي رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪيو آهي. سنگاپور اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جا انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا سنگاپور جي ڪالنگٽينس سينٽر ۾ جاري آهن جنهن ۾ ماڻهن کي بهترين راند ڏسڻ لاءِ ملندي. گذريل ڏينهن عورتن جي سنگل مقابلن جي شروعاتي رائونڊ ۾ بيلجئيم جي 29 سالن جي ٽينس استار ايليس مرٽينز شاندار ڪارڪردگي جو مظاهروڪندي آمريڪي مخالف رانديگر ٽيلر ٽائون سينڊڪو کي اسٽريٽ سيٽس “ 1-6 ۽ 0-6 تان هارائي نه رڳو ايونٽ ۾ ڪامياب شروعات ڪئي پر ٻي رائونڊ لا به ڪواليفائي ڪيو آهي.