اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي غير حاضريءَ تي ڳالهين واري ڪميٽي جو اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي هتي موجود آهي، 45 منٽن تائين انتظار به ڪيو پر مخالف ڌر نه آئي، جڏهن ته ڳالهين واري ڪميٽي ختم ناهيون ڪري رهيا، اها برقرار رهندي. اسلام آباد ۾ حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽيءَ سان پريس ڪانفرنس ڪندي اسپيڪر چيو ته اسان کي اميد آهي ته اڄ مخالف ڌر وارا ڳالهين لاءِ ايندا، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي سربراهيءَ ۾ حڪومتي ڪميٽي به آئي جڏهن ته اٽڪل 45 منٽن انتظار ڪرڻ باوجود اهي نه آيا، اسان سندن مخالف ڌر جي قائد کي به پيغام اُماڻيو جيڪو اسان وٽ محفوظ به آهي، پر هنن ڪو جواب نه ڏنو. اسان کي اميد آهي ته ڳالهيون ئي واحد رستو آهن، جڏهن بئريسٽر گوهر مون وٽ آيو ۽ ڳالهين جي درخواست ڪئي ته وزيراعظم ان ڏينهن ڪميٽي جوڙي ڇڏي هئي، ٻنهي ڌُرين وچ ۾ 3 ملاقاتون به ٿيون ۽ اڄ به اها ئي اميد هئي ته هو ايندا، جڏهن ته ائين نه ٿيو. هن چيو ته مخالف ڌر جي غير موجودگي سبب اڄ ڳالهيون اڳتي نه وڌي سگهيون ۽ اڄ جي ملاقات ختم ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته منهنجا دروازا اڄ به کُليل آهن ۽ مان هڪ ڀيرو وري حڪومت ۽ مخالف ڌر مان اُميد رکان ٿو ته ڳالهين ذريعي ئي ڪو رستو ڪڍيو وڃي. اسپيڪر چيو ته جڏهن ڳالهين جو دؤر هلندو آهي ته شرط پهريان کان ناهن رکيا ويندا، پهريان ڳالهيون ٿين ٿيون پوءِ مطالبا غور هيٺ ايندا آهن، متبادل رستو ڪڍيو ويندو آهي، پر بدقسمتيءَ سان اهو به ممڪن نه ٿي سگهيو. ڳالهين واري ڪميٽي برقرار رهندي، ان کي ختم ناهيون ڪري رهيا، مان اُميد ڪريان ٿو ته شايد هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي شروعات ٿي وڃي.