اسلام آباد- 25 جنوري (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان جي تعليمي نظام ۽ قانون جي تعليم جو معيار بلند ڪرڻ ۾ يونيورسٽي آف لنڊن جي بي مثال ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته يونيورسٽي آف لنڊن مان تعليم پرائي نڪتل ماڻهو اڄ ملڪ ۾ عدليه، قانون، سياست سميت اهم شعبن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. يونيورسٽي آف لنڊن جو تعليمي نظام سکڻ جو بهترين تجربو فراهم ڪري ٿو. اها ڳالهه هن يونيورسٽي آف لنڊن جي المنائي کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي پهرين عورت جج جسٽس عائشه ملڪ، يونيورسٽي آف لنڊن جو وائيس چانسلر پروفيسر وينڊي ٿامسن ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات يونيورسٽي آف لنڊن مان ٽيوٽر طور ڪئي، اها منهنجي ڪيريئر جا شروعاتي سال هئا. هن چيو ته يونيورسٽي جي ٻاهرين پروگرامن شاگردن ۾ تنقيدي سوچ، تجزيو ڪرڻ ۽ قانوني مهارتن جي ترقي کي هٿي ڏني. يونيورسٽي آف لنڊن مان تعليم پرائي نڪتل ماڻهو اڄ ملڪ جي اهم شعبن ۾ مُک ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، انهن مان ڪيترائي وڏن لافرمز ۾ حصيدار بڻجي چڪا آهن ۽ عدليه ۾ شامل ٿيا آهن. تڪرارن جي متبادل حل جي نظام ۾ پنهنجو تعاون فراهم ڪري رهيا آهن، ان کانسواءِ يونيورسٽي آف لنڊن مان تعليم پرائي نڪتل ڪيترائي ماڻهو سياست ۽ سماجي ڪمن ۾ مصروف آهن، جيڪو انهن جي قوم لاءِ وابستگي کي ظاهر ڪري ٿو. وفاقي وزير چيو ته انهن سمورين ڪاميابين مان ظاهر ٿئي ٿو ته يونيورسٽي آف لنڊن پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ۾ قانون جو پيشو هڪ مانائتو مقام رکي ٿو۔ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح ۽ عظيم مفڪر ۽ شاعر ڊاڪٽر علامه محمد اقبال برطانيه جي عظيم اداري لنڪنزا مان تعليم حاصل ڪئي، ٻنهي عظيم شخصيتن پنهنجي قانوني مهارت ۽ سياسي بصيرت ذريعي پاڪستان جي قيام ۽ ان جي مستقبل جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته قانوني مهارتون ملڪ جي بنيادن تي اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. هن چيو ته يونيورسٽي آف لنڊن جو المنائي نيٽ ورڪ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مسلسل ترقي ڪري رهيو آهي، اميد آهي ته هي مستقبل ۾ وڌيڪ ترقي ڪندو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير روٽس اسڪول سسٽم جي سي اي او ڊاڪٽر خديجه کي تعليم جي شعبي ۾ نمايان خدمتون انجام ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته عورت ليڊرز جو اڳيان اچڻ همت افزائي آهي، اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته عورتون مختلف شعبن ۾ پنهنجو قائداڻو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن چيو ته اسان جي معاشري ۾ زندگي جي شروعات ۾ ئي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. وفاقي وزير يونيورسٽي آف لنڊن جي گريجوئيٽ شاگردياڻين جي تعداد ۾ واڌ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته يونيورسٽي آف لنڊن جو تعليمي نظام سکڻ جو بهترين تجربو فراهم ڪري ٿو جنهن سان شاگردن کي پيشيوراڻي ميدان ۾ ڪاميابين ۾ مدد ملي ٿي. ان موقعي تي عطاءُ الله تارڙ يونيورسٽي آف لنڊن جي عظيم پروفيسرز ۽ استادن کي به خراج تحسين پيش ڪيو.