اسلام آباد-24 جنوري (اي پي پي) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان مُختلف بل منظور ڪيا ويا آهن. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظور ڪيل ۽ صدر طرفان واپس موڪليل آمدني واپار ۽ روانگي واپار بابت ضابطي واري ترميمي بل 2023ع کي ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي. بعد ۾ وفاقي وزير ڄام ڪمال خان اهو بل منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ايوان کان منظوري ورتي، اپوزيشن جي ڪنهن ميمبر بل جي مخالفت نه ڪئي، بعد ۾ ايوان بل منظور ڪري ورتو. جڏهن ته زهره ودود فاطمي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظور ڪيل ۽ صدر طرفان واپس موڪليل ٽيڪنالاجي بابت قومي اداري جي بل 2024ع کي ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي. بعد ۾ زهره ودود فاطمي اهو بل منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ايوان مان منظوري ورتي، اپوزيشن جي ڪنهن به ميمبر بل جي مخالفت نه ڪئي، بعد ۾ ايوان اهو بل منظور ڪري ورتو. سينيٽر منظور ڪاڪڙ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظور ڪيل ۽ صدر طرفان واپس موڪليل نيشنل ايڪسيلينس انسٽيٽيوٽ بل 2024ع کي ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي، جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي. بعد ۾ سينيٽر منظور ڪاڪڙ اهو بل منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ايوان مان منظوري ورتي، اپوزيشن جي ڪنهن به ميمبر بل جي مخالفت نه ڪئي، بعد ۾ ايوان اهو بل منظور ڪري ورتو. واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظور ڪيل ۽ صدر طرفان واپس موڪليل واپاري تنظيمون ترميمي بل 2021ع کي ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي، جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي. بعد ۾ وفاقي وزير ڄام ڪمال خان اهو بل منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ايوان مان منظوري ورتي، اپوزيشن جي ڪنهن به ميمبر بل جي مخالفت نه ڪئي، بعد ۾ ايوان اهو بل منظور ڪري ورتو.