گڏيل قومون-24 جنوري (اي پي پي) روس چيو آهي ته اسرائيل پاران گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي فار فلسطيني ريفوجيز ان نيئر ايسٽ جي سرگرمين تي پابنديون نه رڳو عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهن پر انهن شرطن جي پڻ ڀڃڪڙي آهن جن تحت اسرائيل کي گڏيل قومن جي ميمبر شپ ڏني وئي هئي. ميڊيا رپورٽن موجب گڏيل قومن ۾ روس جي نمائندي واسيلي نيبنزيا غزه پٽي جي صورتحال تي روس پاران گهرايل گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي اجلاس کي خطاب ۾ چيو ته غزه ۾ صحت جو نظام تباه ٿي چڪو آهي جنهن سان ٻارن کي طبي خدمتن جي فراهمي تي ناڪاري اثر پيا آهن اهو فيصلو نه رڳو عالمي انساني قانون جي اصولن پر 1946ع جي ڪنونشن جي استحقاق جي پڻ ڀڃڪڙي آهي. اسرائيلي حڪومت جو اهو فيصلو 1949ع ۾ اسرائيل جي گڏيل قومن جي ميمبر شپ جي شرطن جي پڻ ڀڃڪڙي آهي، روسي نمائندي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته يو اين آر ڊبليو اي جي ڪم کي روڪڻ سان فلسطيني آبادي جي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور آبادي ٻارن لاءِ تباهي وارا اثر نڪرندا جنهن جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. واضع رهي ته اسرائيلي پارليامينٽ 28 آڪٽوبر تي ملڪ ۾ يو اين آر ڊبليو اي جي سرگرمين تي پابندي جو قانون منظور ڪيو هو، اسرائيلي پارليامينٽ جي 92 ميمبرن ان قانون جي حق ۾ جڏهن ته 10 مخالفت ۾ ووٽ ڏنا هئا.