اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستاني نوجوانن ۾ زندگي جي سمورن شعبن ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائڻ ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت موجود آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن يونيورسٽي آف لنڊن جي وائيس چانسلر وينڊي ٿامسن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني شهري يونيورسٽي آف لنڊن ۽ ٻين ناليوارن عالمي تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. پاڪستان حڪومت نوجوانن کي ميرٽ جي بنياد تي ٻاهرئين ملڪ اسڪالرشپ ۽ ملازمت جي لاءِ موڪلڻ جي لاءِ ڪيترائي پروگرام متعارف ڪرائي چڪي آهي ۽ نئين حڪمت عملين تي ڪم جاري آهي. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي نوجوانن کي عالمي مارڪيٽن جي گهرج موجب صلاحيتن سان ليس ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وينڊي ٿامسن وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ملڪ ۾ تعليم جي فروغ جي لاءِ تازي قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.