اسلام آباد-24 جنوري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته يوٽيليٽي اسٽور جي نئين سر جوڙجڪ لاءِ ڪيتريون ئي نجي ڪمپنيون دلچسپي رکن ٿيون، يوٽيليٽي اسٽور جي مستقبل جو فيصلو ايندڙ اجلاس ۾ ٿيندو. اهڙو اظهار هن يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي حوالي سان پنهنجي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت وفاقي وزير شيزا فاطمه شرڪت ڪئي ۽ اهم تجويزون پيش ڪيون. يوٽيليٽي اسٽورز جي حوالي سان وزيراعظم جي هدايت تي عمل لاءِ صلاح مشورو ڪيو ويو. يوٽيليٽي اسٽورز جي بندش جي عمل کي تيز ڪرڻ لاءِ قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. يوٽيليٽي اسٽورز جي ملازمن ۽ آئوٽ ليٽس جي پروڊڪٽيويٽي لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته يوٽيليٽي اسٽورز جي نئين سر جوڙجڪ لاءِ ڪيترين ئي نجي ڪمپنين دلچسپي ڏيکاري آهي. يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مستقبل جو فيصلو ايندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويندو.