اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي) پيٽروليم واري وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته صنعتن لاءِ گيس جي ڪابه لوڊشيڊنگ نه پئي ڪئي وڃي، گهريلو صارفين کي ضرورت ۽ شيڊول موجب گيس فراهم ڪئي پئي وڃي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران شاهده رحماني، حسين طارق ۽ سيد خورشيد شاهه جي سوال ۾ جواب ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ طلب کان گهٽ گيس موجود آهي، گيس جا نَوان ذخيرا ڳوليا ويا آهن پر ان باوجود گيس جي طلب وڌيڪ آهي، سردين ۾ گهريلو صارفين لاءِ گيس جي کپت وڌي ويندي آهي. هن چيو ته گيس جي ضرورتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ايل اين جي امپورٽ ڪريون ٿا، مهانگي ايل اين جي سستي قيمت تي وِڪرو ٿيندي آهي، اسان کي هڪجهڙي قيمت طرف وڃڻو پوندو، ايل اين جي تي ڀاڙڻ سان قيمتن ۾ واڌ ٿيندي. هن چيو ته گيس جو شارٽ فال ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.