ڪوئيٽا-23 جنوري (اي پي پي) ڪوئيٽا وادي سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ٿڌين ھوائن جو راڄ ڪوئيٽا شھر ۾ گرمي پد ڪاٽو 3 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي مطابق صوبي جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ شديد ٿڌي رھڻ جو امڪان آھي. برساتن ۽ برفباري بعد صوبي جا مٿاهين ۽ اتر وارا علائقا ٿڌين ھوائن جي وڪوڙ ۾ اچي ويا آھن، ڪيترن ئي علائقن ۾ گرمي پد ڪاٽو کان گھٽجي ويو سڀ کان گھٽ گرمي پد قلات ۽ ڪوئيٽا ۾ ڪاٽو 3 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏھن ته گوادر 10، تربت 14، جيوني 9، سبي 8، نوڪنڊي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 2 ڊگري سينٽي گريڊ تائين گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي مطابق ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران صوبي جي ڪنھن به علائقي ۾ برسات جو امڪان ناھي جڏھن ته اتر بلوچستان ڪوئيٽا، قلات، قلعه سيف الله، چمن، پشين ۽ زيارت ۾ گرمي پد ڪاٽو ۾ رڪارڊ ڪيو ويندو.