ڪراڪس-22 جنوري (اي پي پي) وينزويلا جي حڪومت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ڪيوبا کي دهشتگردي جي رياستي سرپرستن جي فهرست ۾ ٻيهر شامل ڪرڻ جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا وينزويلا جي پرڏيهي وزارت جي بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته اهو بي بنياد قدم دشمني جو اظهار، عالمي اصولن جي ابتڙ، امن ۽ سهڪار لاءِ عالمي ڪوشش لاءِ نقصانڪار آهي. بيان ۾ زور ڏنو ويو ته وينزويلا ان غير منصفاڻي قدم جي مذمت ڪري ٿو ۽ دنيا جي عوام ۽ حڪومتن کان مطالبو ڪري ٿو ته هو اهڙن فيصلن جي مذمت ڪن ۽ ان کي واضع طور تي رد ڪن جيڪي پاڻ ڀري اصولن جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا ۽ ڪيوبا جي عوام جي غير انساني ناڪه بندي کي جواز فراهم ڪرڻ چاهين ٿا. وينزويلا جي حڪومت ڪيوبا جي عوام سان پنهنجي يڪجهتي ۽ سامراجي سلوڪ جي ڪنهن به ڪوشش خلاف عوام جي خوداراديت واري حق جو دفاع ڪرڻ جي عزم جو ورجاءِ ڪيو. واضع رهي ته پنهنجي انتظاميه جي آخري ڏينهن ۾ جوبائيڊن ڪيوبا کي دهشتگردي جي رياستي سرپرستن جي فهرست مان ڪڍي ڇڏيو هو پر نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي عهدي جي پهرين ڏينهن ئي ان فيصلي کي واپس وٺي ڇڏيو.