ميڪسيڪو سٽي-22 جنوري (اي پي پي) ميڪسيڪو جي صدر ڪلاڊياشين بام آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي نار ميڪسيڪو جو نالو بدلائي نار آمريڪا ڪرڻ جي ايگزيڪٽو آرڊر کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي آزادي ۽ خدمختياري جو دفاع ڪرڻ جو عهد ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن گذريل ڏينهن معمول جي پريس ڪانفرنس ۾ صحافين کي ٻڌايو ته اسان لاءِ اهو هاڻي به نار ميسڪيو آهي، جيئن اهو باقي دنيا لاءِ آهي. هن واضع ڪيو ته نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سومر ڏينهن جنهن حڪمنامي تي صحيون ڪيون اهو رڳو آمريڪا تي لاڳو ٿيندو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هو پنهنجي قوم جي خودمختياري ۽ آزادي جو دفاع ڪندو، جڏهن ته مستقبل ۾ آمريڪا سان گڏ ڳالهين ۾ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويندو. ٽرمپ پنهنجي ٻئي صدارت جي مدي جي پهرين ڏينهن ايگزيڪٽو آرڊر تي صحيحون ڪيون ۽ شين بام پنج جو حوالو ڏنو جيڪو ميڪسيڪو کي سڌي ريت نشانو بڻائي ٿو، جنهن ۾ ميڪسيڪو جي منشيات جي ڪارٽلن کي دهشتگرد گروپن طور نامزد ڪرڻ ۽ آمريڪي ڏکڻ سرحد تي قومي ايمرجنسي جو اعلان ڪرڻ شامل آهي.