ڊيووس-22 جنوري (اي پي پي) يورپي ڪميشن جي سربراهه ارسو لاوان ڊيرليين چيو آهي ته روس کان سستي گئس، ڪوئلي ۽ تيل جي فراهمي ۾ گهٽتائي کانپوءِ يورپ ۾ ٻارڻ جون قيمتون آسمان کي ڇُهي رهيون آهن. رشيا ٽوڊي جي رپورٽ موجب سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم کي خطاب ڪندي هن چيو ته 2022ع کان پهريان يورپي يونين جا ميمبر ملڪ پنهنجي 45 سيڪڙو گئس ۽ 50 سيڪڙو ڪوئلو روس کان گهرائي رهيا هئا، ان کانسواءِ روس يورپي يونين کي تيل فراهم ڪندڙ سڀ کان وڏن ملڪن مان هڪ هو. هن دعويٰ ڪئي ته فيبروري 2022ع ۾ يوڪرين جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ روسي صدر ولاديمير پيوٽن اسان کي پنهنجي گئس جي سپلائي بند ڪري ڇڏي هئي، هن چيو ته روس کان اسان جي گئس جي امپورٽ ۾ اٽڪل 75 سيڪڙو گهٽتائي واقع ٿي آهي ۽ هاڻي اسان پنهنجي تيل جو صرف 3 سيڪڙو روس کان امپورٽ ڪندا آهيون ۽ ڪوئلي بلڪل امپورٽ نه ڪري رهيا آهيون. اسان روس کان سستي ٻارڻ جي فراهمي ۾ رنڊڪ جي وڏي قيمت ادا ڪري رهيا آهيون ۽ سڄي يورپي يونين ۾ توانائي جون قيمتون آسمان کي ڇهي رهيون آهن. هن چيو ته ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ يورپي يونين روس طرفان فراهم ڪيل سپلائي کي تجديد جوڳي ۽ جوهري توانائي سان بدلائي سگهي ٿو. اسان کي پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ ڪلين انرجي ٽيڪنالاجيز سميت فيوزن، بهتر جيوٿرمل ۽ سالڊ اسٽيٽ بيٽرين ۾ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي.