اسلام آباد- 21 جنوري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ڪمبوڊيا جي سرڪاري دؤري دوران ڪمبوڊين سينيٽ جي چيئرمين سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفن ناتن کي مضبوط بڻائڻ ۽ پارلياماني سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ واپار واري وفاقي وزير ملاقات دوران پاڪستان ۾ ڪمبوڊين سفارتخاني جي قيام جي تجويز پيش ڪئي ته جيئن ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي ته جيئن واپاري ۽ ثقافتي ناتن کي مستحڪم ڪري سگهجي. واپار واري وزير، چيئرمين کي پهرين گڏيل واپاري ڪميٽيءَ جي اجلاس بابت آگاهه ڪيو ۽ کيس پاڪستان ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪمبوڊين ڪاروباري برادريءَ سان گڏ شرڪت جي دعوت ڏني. ڪمبوڊين سينيٽ چيئرمين اُسرندڙ ملڪن وچ ۾ تعاون جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته اُسرندڙ ملڪن کي هڪ ٻئي جي فائدن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ گڏيل واپار کي هٿي ڏيڻ گهرجي. وفاقي وزير اوڀر خطي جي تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ معيشتن تي روشني وِجهندي چيو ته هي ٻنهي ملڪن لاءِ تعاون جا بهترين موقعا فراهم ڪري ٿو. هن اعلان ڪيو ته پاڪستان جلدئي ڪمبوڊيا ۾ پنهنجو واپاري سيڪشن کوليندو ته جيئن ناتن کي وڌائي سگهجي ۽ ڪاروباري برادريءَ وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏئي سگهجي. ٻئي پاسي چيئرمين هن سين، پاڪستان ۽ ڪمبوڊيا وچ ۾ ٻٽي ٽيڪس جي معاهدي تي غور ڪرڻ جي تجويز ڏني، جيڪو ٻنهي ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ ڪاروبارين لاءِ ٽيڪس جي رڪاوٽن کي ختم ڪندو ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي ملندي. اها ملاقات پاڪستان ۽ ڪمبوڊيا جي ناتن کي مضبوط بڻائڻ جي رُخ طرف هڪ اهم اڳڀرائي ثابت ٿي، جتي ٻنهي ڌُرين سفارتي، اقتصادي پارلياماني سهڪار کي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.