واشنگٽن- 21 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي واشنگٽن ۾ لنڪن لبرٽي بال جي خاص ڊِنر ۾ شرڪت ڪئي، جتي سندس شاندار آجيان ڪئي وئي. ان موقعي تي گهرو وزير آمريڪي سينيٽرن، ڪانگريس جي ميمبرن ۽ ٻين اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون. محسن نقوي ڊنر دوران سينيٽر ٽومي ٽيوبر ويل، ڪانگريس جي ميمبر ڪين ڪلورٽ، برطانيه جي اڳوڻي وزيراعظم لز ٽراس ۽ گورنر مس سيپي فلپ برينٽ سان ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻه طرفن ناتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزير ڊنر دوران آمريڪي سينيٽرن ۽ ڪانگريس جي ميمبرن کي ڊونلڊ ٽرمپ طرفان صدارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون پيش ڪيون ۽ آمريڪي عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. گهرو وزير چيو ته اڄ آمريڪا لاءِ هڪ تاريخي ڏينهن آهي. هن چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دؤر ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي ناتن جو هڪ نئون باب شروع ٿيندو. ان موقعي تي گهرو وزير آمريڪي عوام لاءِ محبت ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ناتن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.