اسلام آباد-21 جنوري (اي پي پي) سينيٽ اجلاس ۾ ڊيپوٽيشن پاليسي تي سوالن جي جواب ۾ قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ وضاحت ڪئي ته ڊيپوٽيشن سروس رولز موجب ٿيندي آهي، جنهن جو مُدو 3 سال هوندو آهي ۽ 2 سالن جي واڌ ممڪن هوندي آهي. سپريم ڪورٽ به پنهنجن فيصلن ۾ هدايت ڪئي آهي ته ان کي معمول نه بڻايو وڃي. هن چيو ته حڪومت ڪنهن اداري ۾ مداخلت نٿي ڪري ۽ عدليه کي به ايگزيڪيوٽو جي معاملن ۾ سڌيءَ ريت مداخلت کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ٻٽي شهريت جي حوالي سان هن چيو ته خاص طور تي جرمن حڪومت 27 جون 2024ع کان هڪ نئون قانون متعارف ڪرايو آهي جيڪو ٻٽي شهريت جي اجازت ڏئي ٿو. پاڪستان به جرمني سان ٻٽي شهريت جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ هاڻ جرمن حڪومت طرفان معاهدي تي صحيح جو انتظار آهي. پارليامينٽ جي منظوريءَ کان پوءِ اهي پاڪستاني شهري جيڪي ماضيءَ ۾ پنهنجي شهريت ختم ڪري چڪا هئا، ٻيهر پاڪستاني شهريت حاصل ڪري سگهندا. پاڪستان جا 22 مملڪن سان پهريان ئي ٻٽي شهريت جا معاهدا موجود آهن. وفاقي وزير، عدليه کي درخواست ڪئي ته هو قانونسازيءَ جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪري ڇاڪاڻ ته اهو پارليامينٽ جو اختيار آهي.