اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ هالينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو 11هون دور ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان هالينڊ ٻطرفي سياسي مشاورت جو 11هون دور پرڏيهي آفيس ۾ ٿيو، پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ هالينڊ جي پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري جنرل ڪرسٽيان ريبرگن پنهنجي پنهنجي ملڪن جي وفدن جي قيادت ڪئي. ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن شعبن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ٻطرفي تعاون ۾ مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سياسي، اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، زراعت، پاڻي جي انتظام، ڊيري ۽ لائيو اسٽاڪ، تعليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ جاري مصروفيتن کي برقرار رکڻ جو عزم ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان جي هڪ وڏي واپاري پارٽنر جي طور تي هالينڊ جي ڪردار کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۾ هالينڊ جي وڌ کان وڌ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪئي. بيان موجب ڌرين موسمياتي تبديلي سان درپيش چئلينجز تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستان ۽ هالينڊ جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.