گڏيل قومون-15 جنوري (اي پي پي) پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ واپاري اسپائي ويئر (جاسوسي لاءِ استعمال ٿيندڙ سافٽ ويئر) جي پکيڙ ۽ غلط استعمال جي نقصانن کي منهن ڏيڻ لاءِ قانوني ڍانچو تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اريا فارمولا جي اجلاس کي ٻڌايو ته رياست ۽ غير رياستي ٻنهي طرفن کان واپاري اسپائي ويئر ۽ لاڳاپيل ٽيڪنالاجيز جي غير محدود دستيابي، پکيڙ ۽ غلط استعمال هڪ اهم ڳڻتي طور اڀريو آهي. هي اجلاس آمريڪا طرفان گهرايو ويو هو، سلامتي ڪائونسل جي اجلاس جي ان فارميٽ جو نالو گڏيل قومن ۾ وينزويلا جي اڳوڻي سفير ڊيا گواريوا جي نالي تي رکيو ويو آهي. هي هڪ مشاورتي عمل آهي جيڪو سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن کي غير رسمي ماحول ۾ ماڻهن کي ٻڌڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. پاڪستاني سفير سائبر اسپيس جي غير منظم فوجي ايپليڪيشنز، ڳجهي معلومات جي ڪاررواين، سافٽ ويئر ۽ هارڊ ويئر جي خامين جي استحصال تي خطري جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ ان فوري خطري تي عالمي ڳالهين جي حمايت ڪري ٿو. پاڪستاني سفير 15 رڪني ڪائونسل کي ٻڌايو ته سائبر اسپيس جي عسڪريت پسندي، رياستن طرفان جارحاڻي سائبر صلاحيتن جي ترقي ۽ نئين ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي بنا ڪنٽرول فوجي ايپليڪيشنز انهن خدشن ۾ حصو وجهي رهيون آهن. هن چيو ته سائبر اسپيس جي ذميواراڻي استعمال کي يقيني بڻائڻ لاءِ عالمي ريگوليٽري فريم ورڪ جي غير موجودگي ۾ هي اڳڀرائي عالمي استحڪام لاءِ سنگين خطرو آهي. اسان ان طرح جي ٽيڪنالاجي سان درپيش خطرن جو پاڻ مشاهدو ڪيو آهي جڏهن جارحيت عنصر اسان جي شهرين، عوامي شخصيتن ۽ رياستي ادارن کي نشانو بڻائڻ لاءِ سپائي ويئر ٽولز جو استعمال ڪندي ڏٺا ويا. اهڙي طرح جي بدنيتي تي ٻڌل قدم واضح طور تي ذميوار رياستي رويي جي عالمي اصولن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن جي خلاف ورزي آهي جنهن ۾ طاقت جو عدم استعمال، رياستن جي خودمختياري ۽ رياستن جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت شامل آهي جڏهن ته موجوده عالمي قانون سائبر اسپيس تي لاڳو ٿئي ٿو. پاڪستاني سفير عثمان جدون چيو ته ان جي امتيازي نوعيت سبب ڪجهه خاميون باقي آهن، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان مستقل طور تي هڪ قانوني فريم ورڪ تي اڳڀرائي جي حمايت ڪئي آهي تنهن هوندي به چيو آهي ته جيستائين روايتن جو تعلق آهي هو بنيادي طور تي امن جي وقت ۾ فائديمند ثابت ٿي سگهن ٿيون پر اهي قانوني طور تي پابند ڪندڙ اهڙي معاهدي جي جڳهه نٿيون وٺي سگهن جنهن ۾ ذميوارين جو واضح تعين ڪيو ويو هجي. ان سلسلي ۾ پاڪستاني نمائندي هڪ اهڙي معاهدي جي تجويز پيش ڪئي جنهن تي عملدرآمد قانوني طور تي لازمي هجي، ان تي ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ گڏيل قومن ۾ هڪ جامع عمل ذريعي ان کي اخيتار ڪيو وڃي. تجويز ڪيل فريم ورڪ جو مقصد آءِ سي ٽي( انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي) جي اهڙين سرگرمين تي پابندي لاڳو ڪرڻ آهي جيڪي اهم بنيادي ڍانچي کي نقصان پهچائن ٿيون. نقصان ڏيندڙ خطرا پيدا ڪن ٿيون يا سپلائي چين جي سيڪيورٽي تي ٺاهه ڪن ٿيون. سرويلنس ٽيڪنالاجيز سميت سپائي ويئر جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ ريگوليٽري ميڪنزم قائم ڪن، پرامن مقصدن لاءِ ٽيڪنالاجي تائين هڪجهڙي پهچ کي يقيني بڻائڻ ۽ صلاحيت سازي جي ڪوششن کي وڌائڻ لاءِ عالمي تعاون کي مضبوط بڻائڻ، انتساب جي چئلينجز ۽ محفوظ سرحد پار ڊيٽا ايڪسچينج جهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ميڪنزم تيار ڪن ۽ غلط فهمين کي گهٽ ڪرڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي استحڪام کي وڌائڻ لاءِ سائبر سيڪيورٽي ۾ اعتماد سازي جي قدمن (سي بي ايمز) کي هٿي ڏين. هن چيو ته پاڪستان عالمي ڳالهين کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي جنهن جو مقصد سمورين قومن کي پائيدار ترقي جو احساس ڪرڻ لاءِ هڪ محفوظ ۽ مستحڪم ڊجيٽل ماحول لاءِ ضابطن ۽ تحفظ جو طريقو تيار ڪرڻ آهي. پاڪستاني سفير وڌيڪ چيو ته پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي کي درپيش ان فوري خطري تي عالمي ڳالهين کي هٿي ڏيڻ ۽ لاڳاپيل عالمي ۽ جامع فورمز تي انهن اهم مسئلن تي وڌيڪ ڳالهين لاءِ سمورن ميمبر ملڪن سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.