اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي بئنڪ ۽ پاڪستان جي 10 سالن جي حصيداري فريم ورڪ جي آجيان ڪئي آهي جنهن تحت عالمي بئنڪ پاران 20 ارب ڊالر جي خاطري ڪرائي وئي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته حصيداري فريم ورڪ تحت جن 6 شعبن ۾ خاطري ڪرائي وئي آهي اهي اسان جي قومي ترجيح جي عڪاسي ڪن ٿا. انهن شعبن ۾ معياري تعليم، ٻارن جي غذائيت، موسمياتي تبديلي، صاف توانائي، جامع ترقي ۽ نجي سيڙپڪاري شامل آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ۽ پنهنجي ساٿين جي ڪوششن کي ساراهه جوڳو قرار ڏيندي چيو ته اهي ڏينهن رات پاڪستان جي معيشت جو بنياد مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته حصيداري فريم ورڪ عالمي بئنڪ جي پاڪستاني معيشت کي اڀارڻ ۽ ان جي پوٽينشل تي اعتماد جو مظهر آهي. وزيراعظم چيو ته اسان عوام جي لاءِ پائيدار موقعا پيدا ڪرڻ جي ڪوششن کي هم آهنگ ڪندي پنهنجي حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جا خواهشمند آهيون.