راولپنڊي-14 جنوري (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڪي پي ڪي صوبي ۾ ٻن ڌار ڪاررواين ۾ 8 خوارجين کي ماري ڇڏيو. ڪالهه آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب سيڪيورٽي فورسز ضلعي ٽانڪ ۾ خوارجين جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو. آپريشن دوران فوجي جوانن خوارجين جي ٺڪاڻن جو مؤثر طريقي سان گهيرو ڪيو ۽ 6 خوارجين کي ماري ڇڏيو. وادي تيره ضلعه خيبر ۾ فوجي جوانن ڪاميابيءَ سان ٻن خوارجين کي ماري ڇڏيو. علائقي ۾ ڪنهن ٻئي خوارجي جي موجودگي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس جون ڪارروايون جاري آهن. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.