اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پي آءِ اي جي بحالي ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو آهي ته قومي اداري کي درپيش چئلينجز جي باوجود مثبت قدم جاري رهندا. سينيٽ اجلاس ۾ قومي ايئر لائينز (پي آءِ اي) جي حوالي سان حڪومتي قدمن ۽ مستقبل جي منصوبابندي تي ڳالهائيندي چيو ته يورپ جي لاءِ پي آءِ اي جون اڏامون حڪومتي قدمن جي ڪري بحال ٿيون. هن ان ڳالهه کي هڪ وڏي ڪاميابي قرار ڏنو. هن چيو ته وزيراعظم پيرس اڏام جي اشتهار جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي، اشتهار ۾ ايفل ٽاور ويجهو قومي ايئرلائين جي جهاز سان غلط تاثر ڏنو ويو جنهن تي حڪومت نوٽيس ورتو. اسحاق ڊار وضاحت ڪئي ته پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل جاري رهندو، اهو عمل قومي ايئرلائين کي مالي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته قومي ايئرلائين جي ٻيڙي ۾ 6 بوئنگ جهاز شامل آهن، ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته پي آءِ اي وٽ جديد جهاز موجود آهن پر انهن کي مڪمل طور تي فعال بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪم جي ضرورت آهي.