اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۾ ٻن مختلف آپريشن ۾ 8 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي قومي عزم جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ٽانڪ ۽ خيبر ضلعي ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز جي صلاحيتن کي ساراهيو. هن چيو ته فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي لاءِ سڄي قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.