جده _13 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ حج 2025ع لاءِ معاهدو طئي ٿي ويو. وزارت جي ترجمان مطابق مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ سعودي عرب جي حج ۽ عمره واري وزير ڊاڪٽر توفيق بن فوزان الربيعه معاهدي تي صحيحيون ڪيون. معاهدي تحت هڪ لک 79 هزار 210 پاڪستاني هلندڙ سال حج ادا ڪندا. پاڪستاني حج پانڌيئڙن کي بهتر کان بهترسهولت فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي . پاڪستاني حاجين کي منيٰ ۾ خصوصي جڳهه ڏني ويندي ۽ ان جي قيمت به گهٽ هوندي. سعودي عرب جي حج واري وزير پاڪستاني حاجين کي بهتر سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ هرممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو ويو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان مطابق هلندڙ سال حج جي سفر کي وڌيڪ آسان ۽ آرام وارو بڻائڻ لاءِ 20 کان 25 ڏينهن جو مختصر حج پروگرام متعارف ڪرايو ويو آهي. حاجين کي مدينه منوره ۾ 4 کان 8 ڏينهن لاءِ پنهنجي رهائش جي چونڊ ڪرڻ سهولت هوندي هر حاجي کي خصوصي طورتي ڊيزائن ڪيل بيگ ملندي جنهن سان پاڪستاني جهنڊو، سڃاڻپ لاءِ ڪيوآرڪوڊ ۽ لاڳاپيل معلومات هوندي. خصوصي موبائل ايپ سان حاجين لاءِ سموري معلومات سندن موبائل فون تي دستياب هوندي . حاجي پنهنجي حج گروپ جي معلومات، تربيتي شيڊول، فلائٽ جي معلومات، سعودي عرب ۾ پنهنجي رهائش، حج دوران حج وارن هنڌن جو نقشو ۽ لوڪيشنز ذريعي پاڻ کي آگاهه رکي سگهندا. وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سعودي عرب جي حج عمره واري وزارت جي اهتمام هيٺ جده ۾ جاري 4 ڏينهن واري عالمي حج ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪندو. حج ايڪسپو ۾ حاجين کي سهولت جي فراهمي جي ذميوارن ۽ ڪمپنين سان وڌيڪ معاهدا به ڪيا ويندا.