ڪراچي-06 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير جي نيو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان اسٽيل مل جي اضافي زمين تي صنعتي پارڪ جي قيام، اسٽيل مل جي بحالي ۽ تجويز ڪيل نيشنل فوڊ سيفٽي، اينيمل اينڊ پلانٽ هيلٿ ريگيوليٽري اٿارٽي جي قيام سميت ڪيترن ئي اهم منصوبن تي غور ويچار لاء ڪالهه نيو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير شرڪت ڪئي ۔سنڌ جي وڏي وزير ۽ وفاقي وزير راڻا تنوير وچ ۾ پاڪستان اسٽيل مل جي 3200 ايڪڙ زمين تي صنعتي پارڪ جي تعمير بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته اها زمين اڳ ئي پاڪستان اسٽيل ملز لميٽيڊ جي نالي تي رجسٽر ٿيل آهي. جواب ۾ وفاقي وزير اشارو ڏنو ته زمين ”صنعتي مقصدن“ لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿي. اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزارت صوبائي حڪومت کي خط موڪلي زمين جي استعمال ۾ تبديلي جي درخواست ڪندي، صوبائي حڪومت کي اجازت ڏني ويندي ته هو دستاويزن لاءِ مناسب قدم کڻي. اجلاس کي اهو پڻ ٻڌايو ويو ته پاڪستان اسٽيل ملز کي 1675 ايڪڙ زمين 75-1974 ۾ اسٽيل پراجيڪٽ لاءِ الاٽ ڪئي وئي هئي پر اهو ٽائيٽل اڃا تائين پي ايس ايم ايل کي منتقل نه ڪيو ويو آهي. وڏي وزير راڻا تنوير کي يقين ڏياريو ته معاملو حل ڪيو ويندو. مراد علي شاهه ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان اسٽيل ملز پلانٽ لاءِ 700 ايڪڙ زمين کي موجوده اسٽيل مل جي بحالي يا نئين قائم ڪرڻ لاءِ رکي وڃي. جنهن جي جواب ۾ وفاقي وزير راڻا تنوير وڏي وزير کي ٻڌايو ته روسي ٽيم اڳ ئي موجود اسٽيل مل پلانٽ جو معائنو ڪري چڪي آهي ۽ فيبروري ۾ نئين پلانٽ جي تجويز ڏني ويندي. وڏي وزير اسٽيل مل جي بحالي بابت فيصلي ۾ پنهنجي حڪومت کي شامل ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو جنهن تي وفاقي وزير کيس سهڪار جو يقين ڏياريو. وفاقي وزير واضح ڪيو ته نيشنل فوڊ سيفٽي، اينيمل اينڊ پلانٽ هيلٿ ريگيوليٽري اٿارٽي جو قيام جانورن، ٻوٽن، زرعي شين، کاڌي پيتي ۽ کاڌن جي ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ لاءِ انسپيڪشن ۽ ڪورنٽائين ڪنٽرول لاڳو ڪرڻ آهي. ھن ۾ سينٽري اينڊ فائٽوسينٽري (ايس پي ايس) قدمن تي عمل ڪرائڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪنسائنمينٽز جي تصديق پاڪستان مان ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ ٺهيل زرعي شين ۽ خوراڪ جي پيداوار ۽ مارڪيٽنگ بابت ايس پي ايس قدمن تي عمل ڪرڻ جي حوالي سان صوبائي حڪومتن سان هم آهنگي شامل آهي. وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت ايڪٽ جي مسودي کي لاڳاپيل سمجهي ٿي ته ان کي لاڳو ڪرڻ کان اڳ سمورن صوبائي کاتن سميت زراعت، لائيو اسٽاڪ، فشريز ۽ صوبائي فوڊ اٿارٽيز سان تفصيلي مشاورت ڪرڻ گهرجي. هن تجويز ڏني ته تجويز ڪيل اٿارٽي ۾ صوبائي حڪومتن جي وڌيڪ نمائندگي شامل ڪئي وڃي. اجلاس جي پڄاڻي ان عزم تي ٿي ته ڪوآرڊينيشن کي مضبوط ڪيو وڃي ته جيئن صنعتي پارڪ ۽ اسٽيل مل منصوبن تي شيڊول مطابق عمل ڪيو وڃي.ان کان علاوه وفاقي وزارت نيشنل فوڊ سيفٽي، اينيمل ۽ پلانٽ هيلٿ ريگيوليٽري اٿارٽي جي قيام جي حوالي سان صوبائي زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي کان تجويزون طلب ڪندي. اجلاس ۾ صنعت واري صوبائي وزير ڄام اڪرام ڌاريجو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو بقا الله انڙ شرڪت ڪئي۔جڏهن ته رانا تنوير جي معاونت وفاقي سيڪريٽري اين ايف ايس آر وسيم اجمل چوڌري، ڊي جي وقاص عالم ۽ سي اي او پي آءِ ڊي سي رضوان ڀٽي ڪئي.