ڪراچي-01 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سيف سٽي پروجيڪٽ جي اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته فيبروري کان فينسي، جعلي ۽ شڪي گاڏين جي نمبر پليٽن جي سڃاڻپ شروع ڪئي وڃي ۽ وڌيڪ ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل پوليس کي رپورٽ اماڻي وڃي. وڏي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سيف سٽي اٿارٽي ايندڙ مهيني کان گاڏين ۾ سفر ڪندڙ يا روڊن تي هلندڙ شڪي ماڻهن لاءِ چهري جي سڃاڻپ واري ٽيڪنالاجي جو استعمال شروع ڪيو وڃي ته جيئن منصوبي جي مقصدن کي يقيني بڻائي سگهجي. اهڙو اظهار هن نئين سال جي پهرين ڏينهن تي ڪراچي سيف سٽي پروجيڪٽ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس دوران وڏي وزير، سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي کي هدايت ڪئي ته هو حيدرآباد ۽ سکر ۾ به سيف سٽي پروجيڪٽ شروع ڪري. هن اٿارٽي کي هدايت ڪئي ته منصوبي جي لاڳت جو ڪاٿو پي سي ون جي منظوري لاءِ رٿابندي ۽ ترقي کاتي کي جمع ڪرايو وڃي. سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل آصف اعجاز شيخ، وڏي وزير کي منصوبي جي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني. ڪراچي سيف سٽي پروجيڪٽ پنجن مرحلن تي ٻڌل آهي جنهن جي لاڳت 34.95 ارب رپيا آهي جنهن ۾ مختلف رزلٽ جون 12000 سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائڻ ۽ 1700 ڪلوميٽر ايراضيءَ تي 2525 پول سائيٽن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه پهرين مرحلي ۾ 110 ايمرجنسي رسپانس گاڏيون به لڳايون وينديون، پهرين مرحلي ۾ 1300 سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳلنديون جن ۾ 1044 نيون ڪيمرائون شامل آهن ۽ 193 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اڳ ۾ ئي لڳل 256 ڪيمرائن کي اپ گريڊ ڪيو ويندو. پوليس سائيٽن جي 200 هنڌن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جتي هن وقت ڪم جاري آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته شهر ۾ 23 ايمرجنسي رسپانس گاڏيون مقرر ڪيون وينديون جن مان 5 هاءِ پاور ڪيمرائن سان ليس هونديون جيڪي چهري ۽ نمبر پليٽ کي سڃاڻڻ جي صلاحيت رکن ٿيون. هن اٿارٽي کي هدايت ڪئي ته 110 ايمرجنسي رسپانس گاڏين جي خريداري جي عمل کي وڌائڻ ۽ انهن کي ضروري ٽيڪنالاجي سان ليس ڪري شهر ۾ مقرر ڪيو وڃي. وڏي وزير کي اهو به ٻڌايو ويو ته وڊيو سرويلنس سسٽم لڳائڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي ۽ اميد آهي ته اهو سال جي آخر تائين فعال ٿي ويندو. ڊي ايڇ اي ۾ ايس ايس سي اي جو هيڊ ڪوارٽر قائم ڪيو ويو آهي ۽ شاهراهه فيصل تي هيڊ ڪوارٽر جي عمارت جي تعمير جو ڪم پڻ شروع ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ويو ته 300 پول سائيٽن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. ڪي ايم سي ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي کان اجازت نامي جو حق حاصل ڪيو ويو آهي. هن وقت ڪنٽونمينٽ بورڊز کان منظوري جو عمل جاري آهي. 300 پول سائيٽن جي سروي مڪمل ڪيو ويو آهي، 300 مان 200 قائم ڪيا ويا آهن انهن مان 198 پوليس انسٽاليشن مڪمل ٿي چڪيون آهن، جن مان 33 هن وقت ڪم ڪري رهيون آهن. پي ايس بوٽ بيسن ۾ فرسٽ پوائنٽ آف پرزنس سائيٽ جي بحالي مڪمل ڪئي وئي آهي جڏهن ته ٻين پوليس ٿاڻن ۾ جلد عمل شروع ڪيو ويندو. انهن سائيٽن ۾ آرٽلري مين پوليس ٿاڻن، آرام باغ، بوٽ بيسن، سول لائنز، ڪلفٽن، فريئر، صدر، پريڊي، کارادر، عزيز ڀٽي، بريگيڊ، بهادرآباد، فيروز آباد، شاهراهه فيصل، ٽيپو سلطان، ايئرپورٽ، ملير سٽي ۽ ماڊل ڪالوني شامل آهن. وڏي وزير، آءِ جي سنڌ پوليس کي هدايت ڪئي ته هو ذاتي طور تي سيف سٽي پروجيڪٽ جي اڳڀرائي جي نگراني ڪري ته جيئن ٻئي مرحلي کي سهڻي نموني مڪمل ڪري سگهجي. اجلاس ۾ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، انسپيڪٽر جنرل پوليس غلام نبي ميمڻ سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.