ڪراچي-01 جنوري (اي پي پي) پاڪستان، خاص طور تي سنڌ صوبي ۾ زرعي شعبي جي ترقي لاءِ هڪ اهم قدم طور ستين زرعي شماري 2024 – انٽيگريٽڊ ڊجيٽل ڳڻپ جو سرڪاري طور افتتاح ڪيو ويو. فيلڊ آپريشنز 1 جنوري کان 10 فيبروري 2025 تائين جاري رهندا، جڏهن ته حتمي نتيجا آگسٽ 2025 تائين متوقع آهن. هي منصوبو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ سهڪار ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي گورننس کي بهتر بڻائڻ ۽ زرعي شعبي جي پائيدار ترقي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي. لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز واري صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻيءَ هارين جي بهتري، چوپائي مال جي پيداوار ۾ واڌاري ۽ خوراڪ جي تحفظ لاءِ هن منصوبي کي هڪ انقلابي قدم قرار ڏنو آهي. تفصيل موجب ڄاڻايل تقريب سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ منعقد ٿي، جنهن کي خطاب ڪندي چيف اسٽيٽسٽيشين، پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس ڊاڪٽر نعيم الظفر زراعت شماري جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته اها صرف ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي مشق ناهي پر هڪ اهڙو بنياد آهي، جنهن جي ذريعي اسان زرعي شعبي کي پائيدار ترقي طرف وٺي وينداسين. پهريون ڀيرو، اسان هڪ مربوط ۽ مڪمل ڊجيٽل طريقي کي اختيار ڪيو آهي، جنهن ۾ زرعي، لائيو اسٽاڪ ۽ مشينري جي ڳڻپ کي هڪ جامع آپريشن ۾ گڏ ڪيو ويو آهي. زراعت شماري جا مقصد بيان ڪندي هن چيو ته هن زراعت شماري جي ذريعي پاڪستان جي زرعي جوڙجڪ، فصلن جا نمونا، مال جي آبادي ۽ مشينري جي رجحانن بابت اهم ڄاڻ مهيا ڪئي ويندي. جديد اوزار، جهڙوڪ ٽيبليٽ تي ٻڌل ڊيٽا گڏ ڪرڻ، ڊيش بورڊز، ۽ ريئل ٽائيم مانيٽرنگ، ڊيٽا جي درستگي ۽ وقت سر فراهمي کي يقيني بڻائين ٿا. اهو منصوبو عالمي بهترين طريقن، فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن جي هدايتن مطابق آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ 1,695 زراعت شماري ڪندڙن ۽ نگراني ڪندڙن کي 30 جڳهن تي تربيت ڏني وئي آهي ته جيئن ڊيٽا جي معيار کي يقيني بڻائي سگهجي. هن سنڌ جي زرعي معيشت ۾ اهم ڪردار جي واکاڻ ڪئي جنهن ۾ 8.2 ملين ايڪڙ پوکيءَ جوڳي زمين شامل آهي ۽ ڪپهه، چانور، ڪمند، ۽ ڪڻڪ جهڙا اهم فصل پيدا ڪيا ويندا آهن. تقريب ۾ صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻيءَ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هي زراعت شماري اسان جي زرعي طريقن کي جديد بڻائڻ، خوراڪ جي حفاظت، ماحولياتي بحران، ۽ ٻهراڙيءَ جي ترقي جي چئلينجن سان منهن ڏيڻ لاءِ هڪ تاريخي قدم آهي. سنڌ جو زرعي شعبو ان جي معيشت جي مرڪزي حيثيت رکي ٿو، جيڪو اسان جي 37 سيڪڙو آبادي کي سهارو ڏئي ٿو. هن زراعت شماري مان حاصل ٿيندڙ ڄاڻ پاليسي سازن کي بهتر فيصلا ڪرڻ ۽ پائيدار ترقي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مدد فراهم ڪندو. هن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، تعليمي ادارن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي گڏيل ڪوششن جي ساراهه ڪئي. هن چيو اسان جيڪا ڊيٽا گڏ ڪنداسين ان جا ڊگهي مدي تائين اثر پوندا، جيڪي هارين جي بهتري، پيداوار جي صلاحيت ۾ واڌاري ۽ خوراڪ جي حفاظت کي مضبوط بڻائيندا. منصوبابندي، ترقي ۽ توانائي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه پڻ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي حڪومت جديد طريقن ذريعي زرعي شعبي کي درپيش چئلينجن سان منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. هي زرعي شماري ان ويزن کي مڪمل ڪرڻ جي هڪ اهم ڪڙي آهي. تقريب ۾ مختلف صوبائي کاتن جا سيڪريٽري، ڊائريڪٽر جنرلز ۽ ٻيا آفيسر پڻ شامل هئا.