آڪلينڊ-30 ڊسمبر (اي پي پي) ايسو سي ايشن آف ٽينس پروفيشنلز (اي ٽي پي ) ۽ ويمنز ٽينس ايسوسي ايشن ( ڊبليو ٽي اي ) جي اهتمام هيٺ اي ايس بي ڪلاسڪ ٽينس ٽورنامنٽ 31 ڊسمبر کان نيوزيلينڊ ۾ شروع ٿيندو. ٽورنامنٽ انتظاميا موجب ٽورنامنٽ کي ڪامياب منعقد ڪرڻ لاءِ تياريون جاري آهن. ٽورنامنٽ ۾ مينز سنگلز، ويمنز سنگلز، مينز ڊبلز ۽ ويمنز ڊبلز جا مقابلا ٿيندا. اهو مردن جي سنگلز ۽ ڊبلز مقابلن جو 47 هون جڏهن ته عورتن جي سنگل ۽ ڊبلز مقابلن جو 38هون ايڊيشن هوندو.