برسبين-30 ڊسمبر (اي پي پي) ايسوسي ايشن آف ٽينس پروفيشنلز (اي ٽي پي) ۽ ويمنز ٽينس ايسوسي ايشن (ڊبليو ٽي اي) جي اهتمام هيٺ برسبين اوپن ٽينس ٽورنامنٽ جو 14هون ايڊيشن 31 ڊسمبر کان آسٽريليا جي شهر برسبين ۾ شروع ٿيندو. برسبين انٽر نيشنل اوپن ٽينس انتظاميا موجب ٽورنامنٽ کي ڪامياب منعقد ڪرڻ لاءِ تياريون مڪمل ٿي ويون آهن. ٽورنامنٽ ۾ مينز سنگلز، وومينز سنگلز، مينز ڊبلز ۽ وومينز ڊبلز جا مقابلا ٿيندا. برسبين اوپن ٽينس ٽورنامنٽ 31 ڊسمبر کان برسبين ۾ کيڏي ويندي. ٽورنامنٽ ۾ بلغاريه جي گريگور ديمتروف مردن جي سنگلز مقابلن ۾ قزاقستان جي ايلينار ريباڪيناٽائٽل جي دفاع لاءِ آمهون سامهون ٿينديون. برسبين اوپن ٽينس ٽورنامنٽ 31 ڊسمبر کان 8 ڏينهن جاري رهڻ کان پوءِ 6 جنوري 2025 تي ختم ٿيندو.