ڪراچي-25 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح اسان جو پيارو پاڪستان ٺاهيو ۽ هن ملڪ کي پرڏيهي سازشن کان بچائڻ جي اهميت واضح ڪئي. الله جي فضل سان قائداعظم جي ويزن مطابق پاڪستان کي ايندڙ نسلن لاءِ پرامن ۽ خوشحال بڻائينداسين، قوم جي خوشحالي اتحاد ۾ آهي. اهڙو اظهار هن قائداعظم جي مزار ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي مراد علي شاهه قائداعظم کي 148 هين سالگرهه جي مبارڪباد ڏني. هن مسيحي برادري کي به ڪرسمس جون واڌايون ڏنيون ۽ ياد ڏياريو ته قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1947ع تي پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته هي ملڪ سڀني مذهبن جي آزادي لاءِ ٺاهيو ويو هو، سڀني مذهبن جا مڃيندڙ پنهنجي پنهنجي عبادت گاهن ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ آزاد آهن. ان موقعي تي وڏي وزير شهيدن جي قربانين کي ياد رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ياد ڏياريو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميزائل ٽيڪنالاجي ذريعي قومي دفاع کي مضبوط ڪيو. هن سرحدن جي حفاظت ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج جي قربانين کي به خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته جمهوريت جي شهيدن پنهنجي رت جو نذرانو ڏئي ملڪ ۾ جمهوريت بحال ڪئي. مراد علي شاهه چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان معاشي، سياسي ۽ سماجي بحران مان نڪري رهيو آهي ۽ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته سنڌ هميشه پرامن رهي آهي ۽ رهندي، انشاءَ الله. زاهد ميراڻي جي غير قانوني افغان شهري هٿان قتل بابت سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي حڪومت ۾ افغانين لاءِ عام معافي جو اعلان ڪيو ويو هو پر سنڌ حڪومت اهڙن ماڻهن کي سندن ڏوهاري رڪارڊ مان سڃاڻپ ڪري پنهنجي ملڪ اماڻيو. سنڌ حڪومت هڪ بيگناهه جي قتل کي سڄي انسانيت جو قتل سمجهي ٿي ۽ ڪنهن به قاتل کي سزا کان بچڻ نه ڏينداسين. مظلومن کي انصاف ڏينداسين ۽ مظلومن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. مراد علي شاهه حڪومت تي ڪجهه نه ڪرڻ جا الزام رد ڪندي چيو ته سندس حڪومت هميشه صوبي جي عوام لاءِ آواز اٿاريو آهي جڏهن به ڪو مسئلو پيدا ٿئي ٿو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ جي عوام جي مفاد لاءِ اڳتي وڌي ٿي. اڻپورن منصوبن بابت ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته ڄامشورو سيوهڻ روڊ 2017ع ۾ شروع ڪيو ويو هو جنهن لاءِ اڌ فنڊ سنڌ حڪومت اپريل 2017ع ۾ ڏنو پر اڃا تائين اهو منصوبو اڻپورو آهي. وڏي وزير هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ڪيو ته حيدرآباد-سکر موٽر وي سميت نامڪمل منصوبن کي وفاقي فنڊنگ سان جلد مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪراچي-حيدرآباد موٽر وي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ٺاهو ويو پر ٻين صوبن ۾ به اهڙا منصوبا وفاق جي فنڊنگ سان سي پيڪ ذريعي تعمير ڪيا ويا. اهو تعصب عمران خان جي دور ۾ شروع ٿيو. وڏي وزير وفاقي حڪومت تي زور ڀريو ته سکر-حيدرآباد موٽر وي کي وفاقي فنڊنگ سان چيني فنڊنگ سان تعمير ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته اهو نه رڳو سنڌ جو پراجيڪٽ آهي پر بندرگاهه کان پوري ملڪ جي ڪمرشل ٽريفڪ لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته لاهور جي واپارين به کيس شڪايت ڪئي آهي ته سکر حيدرآباد موٽر وي ڇوٺاهي نه پئي وڃي. مراد علي شاهه واضح ڪيو ته سنڌ حڪومت وٽ وسيلا محدود آهن ۽ مالي مشڪلاتن سبب وڏا منصوبا شروع نٿا ڪري سگهجن. تنهن هوندي ٺٽو-ڪراچي ٻٽو روڊ وفاقي روڊ سنڌ حڪومت ٺاهيو ۽ ڄامشورو سيوهڻ روڊ لاءِ 50 سيڪڙو فنڊ فراهم ڪيا. وڏي وزير گورنر کي جواب ڏنو ته ڪراچي منهنجو شهر آهي، سندس درخواست تي وزيراعظم پاڻي جي منصوبن لاءِ فنڊ ڏنا، جنهن ۾ ڪي فور منصوبي لاءِ 25 ارب رپيا ۽ ڪي بي لاءِ 40 ارب رپيا شامل آهن. فيڊر منصوبي جي اڌ رقم وفاقي حڪومت ادا ڪئي. ان کان اڳ وڏي وزير باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جي موقعي تي مزار قائد تي گلن جي چادر چاڙهي، فاتحه خواني ڪئي ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيا.