ڪراچي-25 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملير ۾ حسن سليمان ميموريل اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو، منصوبو غريبن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ اهم قدم آهي. پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته هي پروجيڪٽ پاڪستاني آمريڪي ڊاڪٽرن ۽ سنڌ حڪومت جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي، هي منصوبو انسان دوستي ۽ عالمي تعاون جو هڪ بهترين مثال آهي. ابراهيم حيدري ۾ حسن سليمان ميموريل اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو. وڏي وزير چيو ته اسپتال جي تعمير سان شهر جي پٺتي پيل علائقن ۾ صحت جي سهولتن ۾ ڪافي بهتري ايندي. هي منصوبو پاڪستاني آمريڪي ڊاڪٽرن جي عزم جو مظهر آهي جنهن ۾ سنڌ حڪومت ساڻن گڏ آهي. وڏي وزير اسپتال کي اميد قرار ڏيندي واعدو ڪيو ته جيترو فنڊ گڏ ٿيندو سنڌ حڪومت ان ۾ اوترو ئي حصو وجهندي. هن اسپتال جي تعمير ۽ انفراسٽرڪچر، پاليسي ۽ انتظامي مدد ذريعي هلائڻ ۾ حڪومت جي مدد جو يقين ڏياريو. وڏي وزير آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي اڻٿڪ محنت ۽ ڀرپور تعاون کي ساراهيو ۽ ان کي متاثر ڪندڙ قرار ڏنو. حسن سليمان فائونڊيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر جاويد سليمان پاڪستان حڪومت جي سهڪار خاص ڪري صدر آصف علي زرداري جي ويزن، زمين جي فراهمي ۽ سنڌ حڪومت جي مالي مدد تي شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته اسپتال جي قيام جو مقصد ضرورتمند ماڻهن کي مفت علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. اسپتال نه رڳو صحت جي سهولتن لاءِ آهي پر ان سان گڏ سندن دل به ڌڙڪي ٿي. حسن سليمان ميموريل اسپتال جي صدر ڊاڪٽر ظفر اقبال اسپتال جي تعمير لاءِ عالمي سهڪار تي روشني وجهندي چيو ته ان سان پاڪستاني آمريڪين کي پنهنجي وطن سان ڳنڍڻ جو موقعو مليو آهي. هن اسپتال کي ملير جي عوام لاءِ لائف لائن قرار ڏنو. پروجيڪٽ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر ايس ايم طارق رفيع اميد ۽ شڪرگذاري جي جذبن جو اظهار ڪندي صدر آصف علي زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه جي غير مشروط سهڪار تي ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسپتال غريبن لاءِ پناهه گاهه ثابت ٿيندي جتان روشن مستقبل جي شروعات ٿيندي. حسن سليمان ميموريل اسپتال 312 بسترن تي مشتمل هوندي ۽ ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيندي، 2026ع ۾ مريضن جو علاج شروع ڪيو ويندو. اسپتال ۾ مفت علاج جون سهولتون هونديون جن ۾ ايمرجنسي وارڊ، دل جي سرجري، دل جي بيمارين، ٻارن ۽ عورتن لاءِ خاص علاج جون سهولتون شامل هونديون. ڊاڪٽر جاويد سليمان افتتاح جي موقعي تي دل جي پهرين اينجيو پلاسٽي پاڻ ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. اسپتال جي ڪاميابي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ صحت جي سارسنڀال لاءِ سرحد پار تعاون جو هڪ بهترين مثال آهي. تقريب ۾ صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، سردار شاهه، ڄام خان شورو، شاهد ٿهيم، رياض شاهه شيرازي، صلاحڪار نجمي عالم ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جناح يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ، جناح اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر شاهد رسول، پروفيسر طارق محمود، پيشينٽ ايڊ فائونڊيشن جي مشتاق ڇاپرا سميت ناليوارا ڊاڪٽر ۽ سڄاڻ ڌريون پڻ موجود هيون.