ڪراچي-17 ڊسمبر (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته لائيواسٽاڪ، زراعت ۽ ماهيگيري جهڙا شعبا ملڪي معيشت لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا جڏهن ته حڪومتي ۽ خانگي شراڪتداري معيشت جي استحڪام جي ضامن آهي. گورنر هائوس ۾ ڊي اي ايل ايف اي (ڊالفا) نيٽ ورڪنگ ڊنر ۾ زراعت ۽ لائيواسٽاڪ سان لاڳاپيل اهم شخصيتون به شريڪ هيون. ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ 17 کان 19 جنوري 2025ع تائين منعقد ٿيندڙ “ڊيلفا ڪيٽل شو سيزن 4” پرڏيهي مالوند به نمائش ۾ شرڪت ڪندا. گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته ننڍن هارين جي حمايت معيشت جي استحڪام لاءِ اڻٽر آهي. گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ ۾ وڌيڪ جدت آڻڻ تي زور ڀريندي چيو ته گورنر هائوس ۾ چوپائي مال جي صنعت جي ترقي لاءِ تقريب سٺو سنوڻ آهي. تقريب ۾ لائيو اسٽاڪ صنعت کي درپيش چئلينجن ۽ موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.