ابوظهبي- 22 نومبر (اي پي پي) امارات ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي ) جي انتظام هيٺ ابوظهبي ۾ ٽي 10 ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي اٺين سيزن جا انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ابوظهبي ۾ جاري آهن. ابوظهبي ٽي 10 ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ اڄ ڇنڇر ڏينهن تي 4 ميچون کيڏيون وينديون. پهرين ميچ موريس ويل سيمپ آرمي ۽ يورپي نوابز جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي، ٻين ميچ ۾ بنگلا ٽائيگرز ۽ نيويارڪ اسٽرائيڪرز جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون، ٽين ميچ چنائي بريوز ۽ ناردرن واريئرز جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته چوٿين ميچ دڪن گليڊي ايٽرز ۽ ابوظهبي ٽيم وچ ۾ کيڏي ويندي. چارئي ميچون شيخ زيد اسٽيڊيم، ابوظهبي ۾ کيڏيون وينديون.