ڪراچي-19 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ پهريون ڀيرو اھڙي قسم جو جديد ترين ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم قائم ڪيو ويو آھي جنھن سان پيپلز بس سروس جي سمورن آپريشنز تي نظر رکي ويندي اُن سان گڏ شڪايت ڪرڻ جا نمبر به ڏنا ويا آھن جن تي سروس بابت ڪا به شڪايت ڪري سگھجي ٿي ڪنھن کي ڪا به شڪايت ھوندي ته اُن جو وقت سر ازالو ڪري سگھبو. هن چيو ته ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي آفيس ڊي 43 ڪلفٽن بلاڪ 2 ۾ قائم ڪئي وئي آھي، ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر سان پيپلز بس سروس جي آپريشنز جي مانيٽرنگ ۽ لائيو ٽريڪنگ ٿي سگھندي. اهڙو اظهار هن ڪالهه پيپلز بس سروس ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو افتتاح ڪرڻ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر ذريعي سڄي سنڌ ۾ ھلندڙ پيپلز بس سروس جي مناسب نگراني ٿي سگھندي ۽ وقت سر ضروري ھدايتون ڏئي سگھبيون، ھي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم پيپلز بس سروس جي مسافرن جي سھولتن ۽ سندن لائيو وڊيوز کي مانيٽر ڪندو ۽ اسٽاف جي ڪنڊڪٽر کي بھ مانيٽر ڪيو ويندو، جيڪڏھن ڪا شڪايت يا اضافي ڀاڙو ورتو ويندو تھ شڪايت ڪري سگهجي ٿي، ڪنھن مسافر جي ڪابھ شئي چوري يا گم ٿي ويندي اُھا بھ ڪئميرا ۾ اچي ويندي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ھي سھولت ترقي يافتھ ملڪن ۾ ھُئي، سنڌ سرڪار پاران سنڌ ۾ ترقي يافتا ملڪن جھڙيون سھولتون فراھم ڪيون پيون وڃن، اُن کان اڳ پيپلز بس سروس جي ٽڪيٽ جي خريداري لاءِ ڪارڊ سسٽم آندو ويو آھي جنھن سان مسافرن کي تمام گھڻي آساني ٿي آھي، انشاالله سنڌ سرڪار پنھنجي عوام لاءِ جلد ئي وڌيڪ سھولتون بھ آڻيندي. ان موقعي تي ھڪ سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ 24 نومبر تي احتجاج جو سڏ ڏيڻ وارو اھوئي ٽولو آھي جيڪو ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ۽ افراتفري ڦھلائڻ چاھي ٿو، ملڪي معيشت ۾ بھتري اچي رھي آھي ڪاروباري سرگرمين کي ھٿي ملي رھي آھي پر ڪا قوت آھي جيڪا چاھي ٿي تھ پاڪستان جي معيشت جو ڦيٿو نھ ڦري، ھي ماڻھو ملڪي معيشت کي نقصان پهچائڻ چاھين ٿا ھاڻي بشريٰ بي بي جي اھڙي قسم جا بيان سامھون آيا آھن تھ ھر شخص پنج پنج ھزار ماڻھو وٺي اسلام آباد ڏانھن يلغار ڪري سياستدانن کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي تھ جيڪو بھ 24 نومبر تي 5 ھزار ماڻھو وٺي نھ ايندو اُن کي ايندڙ چونڊن ۾ ٽڪيٽ نھ ڏني ويندي، ھي اھو يرغمال ڪندڙ ٽولو آھي جيڪو ملڪ کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي ۽ ھي ٽولو چاھي ٿو تھ ملڪ ۾ انارڪي ھُجي افراتفري ھُجي خدانخواستھ 9 مئي جھڙا ھولناڪ واقعا ٿين 9 مئي ڪو معمولي ڏينھن نھ ھو، ھي پاڪستان جي تاريخ جو اونداهون ڏينھن ھو. اھڙن واقعن کي اُھي ماڻھو ٻيھر ورجائڻ چاھين ٿا ۽ رياست کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن. گذريل ڀيري جڏھن علي اميد گنڊاپور اسلام آباد آيو تھ سندس آندل سول ماڻھو رياستي مشينري جا وسيلا استعمال ڪندي ڳوڙها ڳاڙيندڙ گيس جا شيل اُڇلائي رھيا ھُئا جيڪڏھن ڪو اھو سمجھي ٿو تھ بندوق يا بدمعاشي جي زور تي رياست کان پنھنجي ڳالهه مڃرائي وٺندو تھ اھا بيوقوفي آھي، سڀاڻي دھشتگرد تنظيمون بھ ايئن ئي ڪري سگھن ٿيون. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌو دريا تي ڪينالز جي تعمير جي معاملي تي سنڌ سرڪار کي سخت خدشا آھن سنڌ اڳواٽ ئي پاڻي جي کوٽ جو شڪار آھي، اُن معاملي تي اسان جو موقف اٽل آھي. وي پي اين تي پابندي بابت سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ اسان چاھيون ٿا تھ اسان جو ملڪ ترقي ڪري ۽ نوجوانن کي صحيح دڳ ملي، ھر شئي جو سٺو ۽ برو استعمال ٿيندو آھي، بدقسمتي سان شين جو برو استعمال ڪندڙ سٺي شئي کي بھ برو بڻائي ڇڏيو، پي ٽي آءِ جي ماڻھن پنھنجي ليڊر جي چوڻ تي سوشل ميڊيا تي ڊجيٽل دھشتگردي شروع ڪري رکي آھي، اُھي وي پي اين جھڙين شين کي تڪراري بڻائي رھيا آھن، اھڙين شين جو ھاڪاري استعمال ٿيڻ گھرجي، اھڙين شين کي تڪراري بڻائڻ ۽ ادارن خلاف استعمال نھ ڪرڻ گھرجي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ اسان سدائين صحافت جي آزدي جي ڳالهه ڪندا آھيون، پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد پارٽي آھي جيڪا جڏھن تھ اقتدار ۾ رھي اُن جو بدترين ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو پر پيپلز پارٽي ڪڏھن بھ ڪنھن بھ ميڊيا تي پابندي نھ ھنئي، 2008ع جي حڪومت دوران پاڪستان پيپلز پارٽي کي ٽارگيٽڊ ميڊيا ٽرائل جو نشانو بڻايو ويو، پر اسان ڪڏھن بھ ڪنھن کي پريشان نھ ڪيو نھ ئي ڪنھن قسم جي پابندي مڙھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ اسان وفاقي حڪومت جا اتحادي نه پر اسان غير مشروط طور تي حڪومت جي حمايت ڪئي ھُئي تھ جيئن جمھوري نظام اڳتي ھلي، پيپلز پارٽي جي سي اي سي ۾ فيصلو ڪيو ويو ھو تھ اسان ھر پارٽي سان ڳالھين لاءِ تيار آھيون تڏھن پي ٽي آءِ جي طرفان پيغام آيو تھ اسان ڪنھن بھ پارٽي سان ڳالھيون نھ ڪنداسين جيڪڏھن پيپلز پارٽي بھ چپ ٿي ويھي رھي ھا تھ نھ اسيمبلي ميمبر قسم کڻي سگھن ھا ۽ نھ ئي وري اسيمبليون عمل ۾ اچن ھا، اُن لاءِ پيپلز پارٽي پاڪستاني عوام جي حق ۾ مطالبا رکي وفاقي حڪومت جي حمايت ڪئي. حيدرآباد سکر موٽر وي پوري پاڪستان جي سخت ضرورت آھي ڇاڪاڻ تھ ھي رستو پوري پاڪستان کي پورٽ سان ڳنڍي ٿو، جنھن کي وفاق طرفان ترجيح نھ پئي ڏني وڃي، ھي پوري پاڪستان جو حق آھي جنھن تي اسان پنھنجو موقف اٿاري رھيا آھيون ۽ اسان پنھنجي جائز حقن جي ڳالهه ڪري رھيا آھيون. هن چيو تھ سنڌ سرڪار منشيات خلاف آپريشن، پارٽي قيادت جي ھدايتن تي شروع ڪيو ۽ ھي آپريشن پوري سختي سان جاري رھندو. صدر آصف علي زرداري، محترمه فريال ٽالپر ۽ خاص طور تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جون خاص ھدايتون ھيون تھ منشيات جو خاتمو ٿئي، شخصيتن جي تبديل ٿيڻ سان حڪومت جي پاليسين ۾ تبديلي ناھي ايندي. هن چيو تھ ڪراچي ۾ آئيڊياز جي وڏي نمائش ھلي رھي آھي، اھڙي قسم جي ايونٽس سان پوري دُنيا کي اھو پيغام ويندو آھي تھ پاڪستان محفوظ ملڪ آھي، آئيڊياز نمائش جي ڪري پيپلز بس سروس جا روٽس عارضي طور تي تبديل ڪيا ويا آھن جيڪي نمائش کان فوري بعد بحال ڪيا ويندا، وڌيڪ بسون اچڻ واريون آھن، ڪراچي جي لاءِ ڊبل ڊيڪر بسون بھ خريد ڪيون پيون وڃن، ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بسون ھلڻ شروع ٿي وينديون. افتتاحي تقريب جي موقعي تي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جو مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪمال حڪيم دايو پڻ موجود ھئا.