ڪراچي-19 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي والدين ۽ استادن تي ٻارن کي ٽيڪنالاجي جي ذميواراڻي استعمال جي سکيا ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي ٻارن جي تحفظ لاءِ نوان قدم کڻي رهي آهي ۽ کين هر قسم جي استحصال ۽ تشدد کان بچائڻ لاءِ پرعزم آهي، اسان کي تعليم، شعور ۽ فهم ذريعي پنهنجي سماج مان ظلم ۽ بربريت کي ختم ڪرڻ گهرجي. ٻارن عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ٻارن ۽ والدين کي آگاهي ڏيڻ آهي ته ٻارن جي استحصال کي ڪيئن روڪجي، هِن چيو ته هِن سال جو عنوان، ”اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ذريعي ٻارن کي جنسي استحصال ۽ بدسلوڪي کان بچائڻ جا موقعا ۽ خطرا“ آهي، ٽيڪنالاجي جي ترقيءَ جي حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٽيڪنالاجي زندگيءَ کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي پر ٻارن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ نوان چئلينجز به اچن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مناسب قانون ۽ قدمن تي عمل ڪيو وڃي ته جديد ٽيڪنالاجي ٻارن جي تحفظ لاءِ اثرائتي هٿيار طور ڪم ڪري سگهي ٿي. هن زور ڏنو ته معصوم ٻارن سان زيادتي کي روڪڻ لاءِ آگاهي پکيڙڻ ضروري آهي ۽ چيو ته سنڌ حڪومت ٻارن جي تحفظ کي اوليت ڏني آهي ۽ ان مقصد لاءِ موجود سمورا وسيلا استعمال ڪري رهي آهي. وڏي وزير چيو ته اسان کي پنهنجي ٻارن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ گهرجي جتي هو عزت ۽ آزاديءَ سان اڳتي وڌي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي روشن مستقبل کي سنوارڻ ۾ والدين ۽ تعليمي ادارن جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته اسان جا ٻار هن ملڪ جو مستقبل آهن ۽ انهن جي حفاظت ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي.