ڪراچي-18 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي گونر ڪامران خان ٽيسوري سان ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو، قونصل جنرل سيمل سانگو سان گڏ گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب گورنر چيو ته پاڪ ترڪيه ٻطرفن لاڳاپن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. ترڪيه جي سيڙپڪارن کي صوبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ترڪيه سان واپار ۾ اضافو پهرين ترجيح آهي ان ڏس ۾ سفارتڪاري اهم ثابت ٿيندي. ترڪيه جي سفير چيو ته ترڪيه جا سيڙپڪار صوبي جي مختلف شعبن ۾ ڀرپور دلچسپي رکن ٿا. ترڪيه جي سفير قائداعظم جي تاريخي ڪمري جو دورو ڪيو ۽ اتي رکيل شين بابت آگاهي حاصل ڪئي. گورنر هائوس ۾ ترڪيه جي سفير قومي جهنڊو ڦڙڪايو ۽ وڻڪاري مهم تحت ٻوٽو به لڳايو. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي گورنر چيو ته پاڪ ترڪيه ٻه طرفا لاڳاپا هاڻي دوستي ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. هن چيو ته ترڪيه هر مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏنو آهي. صوبي ۾ ترڪيه جي سيڙپڪارن جي دلچسپي سٺو سنوڻ آهي. ترڪيه سفير چيو ته دفاعي نمائش آئيڊياز 2024ع ۾ سڀ کان وڏو اسٽال ترڪيه جو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي معاشي ۽ دفاعي لحاظ کان مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا.