ڪراچي-29 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آئيڊياز 2024ع سان نه رڳو پاڪستان جا عالمي شراڪتدارن سان اسٽريٽجڪ ناتا بهتر ٿيندا پر پاڪستان سميت سجي دنيا جي وفدن، واپاري نمائندن، دفاعي اختيارين ۽ هٿيار ٺاهيندڙن وچ ۾ واپاري رابطن ۾ به اضافو ٿيندو. هن اها ڳالهه ٻارهين عالمي دفاعي نمائش ۽ سيمينار آئيڊياز 2024ع جي اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جي ٽئين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وڏي وزير چيو ته ٻارهين آئيڊياز 2024ع منعقد ڪرڻ لاءِ تفصيلي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وڃي. آئيڊياز 2024 19 نومبر کان 22 نومبر تائين ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ منعقد ٿيندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته آئيڊياز 2000ع ۾ شروعات کان وٺي قومي ۽ عالمي دفاعي صنعت لاءِ سنگ ميل بڻجي چڪو آهي. هر ٻن سالن بعد منعقد ٿيندڙ هيءَ نمائش جديد ٽيڪنالاجيءَ جي نمائش ۽ ڄاڻ جي مٽاسٽا سبب پاڪستان توڙي ٻاهرين ملڪن ۾ تيزي سان مقبوليت ماڻي آهي. وڏي وزير چيو ته آئيڊياز هاڻي سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. اهو اسان جي عالمي ڀائيوارن سان اسان جي گهري ۽ گڏيل طور فائديمند ڳانڍاپن جي علامت آهي. ڪانفرنس عالمي امن، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ هڪ گڏيل پليٽ فارم فراهم ڪري ٿي جتي پرڏيهي وفد، دفاعي ڪمپنيون ۽ عوامي راءِ جا نمائندا دفاعي ۽ سيڪيورٽي چئلينجن تي بحث ڪرڻ لاءِ گڏ ٿين ٿا. وڏي وزير چيو ته محتاط رٿابندي ۽ غير محسوس انتظامن جي اهميت تمام گهڻي وڌي وئي آهي. اڄوڪو اجلاس اهم آهي ڇو ته اها اسان کي مختلف ادارن ۽ کاتن پاران مهيا ڪيل رٿابندي کي همٿائڻ ۾ مدد ڪندي.آئيڊياز 2024ع جي ڪامياب منعقد ڪرڻ لاءِ توهان جو اجتماعي عزم ۽ سهڪار انتهائي اهم آهي جيڪا پوري پاڪستان جي ڪاميابي هوندي. هن يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت هن غير معمولي نمائش لاءِ هر قسم جي مدد فراهم ڪندي. ڊائريڪٽر جنرل ڊي پي او ميجر جنرل اسد نواز خان هلال امتيار (ملٽري) دفاعي حڪمت عملي جي هن اهم ترين نمائش جي قومي سطح جي تيارين جي ٻئي سيشن جي صدارت ڪئي. ملاقات دوران کيس مختلف صوبائي کاتن، هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران انتظامي، سيڪيورٽي ۽ امدادي منصوبن تي عملدرآمد بابت بريفنگ ڏني. سيشن جي پڄاڻي تي ڊي جي ڊي پي او چيو ته روايت موجب ان تقريب ۾ جديد دفاعي ٽيڪنالاجي جي نمائش، عالمي سيمينار، ثقافتي شو، واپارين جي ٻه طرفي ۽ واپارين جو حڪومت سان رابطي سميت ڪيتريون ئي ذڪر جوڳي سرگرميون شامل آهن. هن اهو پڻ اعلان ڪيو ته ڪراچي جي شهرين لاءِ خاص ڪري ڪراچي شو 21 نومبر 2024ع تي سي وي يو تي منعقد ڪيو ويندو. اجلاس جي پڄاڻي تي اوينٽ مئنيجر سي اي او بدر سوليوشنز ظهير نصير چيو ته آئيڊياز 2024ع کي پاڪ فوج، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سهڪار سان سٺي نموني سان منظم ڪيو ويندو. اجلاس دوران سمورن سرڪاري تنظيمن ۽ ادارن آئيڊياز 2024 کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ ڀرپور سهڪار جو عزم ڪيو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، ڊي جي ڊي پي او ميجر جنرل اسد نواز خان، هلال امتياز (ملٽري)، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وفاقي وزيرن، صوبائي حڪومت، هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.