حيدرآباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي انسٽيٽيوٽ آف فوڊ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر تحسِين فاطمه مياڻو جو ڪيلي تي تحقيق تي ٻڌل ڪتاب”بنانا ريسيپي“ شايع ٿي ويو آهي، جنهن جو مهُورت سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ ڪيو ويو. اسٽوڊنٽ ٽيچر انگيجمنٽ پروگرام جي سھڪار سان لکيل ڪتاب جو مهُورت وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري، خوراڪ ۽ زراعت جي عالمي اداري ايف اي او جي سنڌ آفيس جي سربراهه جيمز رابرٽ اوڪوٺ ۽ مختلف ڊينز ڪيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ايندڙ نسلن جي غذائي تحفظ سان سلھاڙيل مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي ماهرن جي ذريعي جديد تحقيق تي ڀاڙي رهي آهي، ۽ هي ڪتاب خاص طور تي فوڊ ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل شاگردن، ماهرن ۽ خانگي شعبي سان سلھاڙيل سيڙپڪارن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو،

فيڪلٽي آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ جي ڊين ڊاڪٽر الطاف علي سِيال چيو ته خوراڪ جي صنعت ۾ واپاري بنيادن تي، زراعت سان سلھاڙيل شين کي ھٿي ڏيڻ لاءِ وڌيڪ تحقيق ۽ نون منصوبن جي ضرورت آهي، خاص طور تي شاگردياڻين لاءِ ۽ گھريلو سطح تي خوراڪ جي شين کي تيار ڪرڻ ۾ نئين ٽيڪنالوجي ۽ خوراڪ جي شعبي لاءِ غذائي شين کي تيار ڪرڻ ۾ ڪتاب ۾ شامل ڪيل ترڪيبون لاڀائتيُون ثابت ٿينديون، ايف اي او سنڌ آفيس جي سربراهه جيمز رابرٽ اوڪوٺ پاران ايف اي او جي تعليمي ادارن سان سهڪار جا تفصيل ٻڌايا، جنهن جو مقصد پائيدار زراعت جي غذائي نظام کي ھٿي ڏيڻ آھي، ڪتاب جي ليکڪا ۽ انسٽيٽيوٽ آف فوڊ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر تحسِين فاطمه مياڻو چيو ته ڪيلي مان تيار ڪيل چپس ۽ سوھانجھڙي جي پائوڊر سميت مختلف پروڊڪٽس جي مارڪيٽ ۾ وڏي گھرج ۽ گنجائش موجود آهي، جنهن سان شهري ۽ ڳوٺاڻي عورتن لاءِ ننڍن پيماني تي ڪاروبار جا ڪيترائي موقعا پيدا ٿي سگهن ٿا، هن چيو ته ريسيپي ڪتاب ۾ شامل ترڪيبن کي آسان ۽ سمجھ جي قابل انداز ۾ لکيو ويو آھي، ته جيئن شيُون هر عمر جي ماڻهن، خاص طور تي ٻارن لاءِ صحت مند خوراڪ طور تيار ڪري سگھجن،

جڏهن ته اي پي پي سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر تحسين فاطمه مياڻو چيو ته هِن ڪتاب ۾ 27 ريسيپيز آهن ۽ اهو يونيورسٽي جي سطح تي لکيل پهريُون ڪتاب آهي. اينيمل هسبنڊري اينڊ ويٽرنري سائنسز جي ڊين ڊاڪٽر غياث الدين شاه راشدي چيو ته ڪيلي ۾ موجود مائڪرونيوٽرينٽس جي ڪري ھر عمر جي ماڻھن لاءِ مختلف غذائي فائدا موجود آهن. ان موقعي تي ڊائريڪٽر يونيورسٽي ايڊوانسمنٽ اينڊ فنانشل اسسٽنس ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، ڊائريڪٽر اورڪ پروفيسر ڊاڪٽر تنوير فاطمه مياڻو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته ان موقعي تي سوھانجھڙي مان تيار ڪيل مختلف شين جا اسٽال پُڻ لڳايا ويا.