ميڪسيڪو سٽي _29 آڪٽوبر (اي پي پي) آسٽريليا جي ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي ٿرڊ سيڊڊ نينا اسٽوجانوويچ ۽ آمريڪا جي ٽينس رانديگرياڻي اين لي ڊبليو ٽي اي ميريڊ اوپن اڪرون ٽينس ٽورنامينٽ جي ووممينز سنگلز مقابلن جي فاتحاڻي شروعات ڪندي ٻئي رائونڊ ۾ پهچي وئي آهي. آسٽريليا جي ٽينس اسٽار نينا اسٽوجانويچ عورتاڻي سنگلز مقابلن جي شروعاتي رائونڊ ۾ آمريڪي مخالف رانديگرياڻي ايلزبٿ هانا منڊلڪ کي شڪست ڏني جڏهن ته آمريڪا جي ٽينس رانديگرياڻي اين لي پهرين رائونڊ ۾ اسپين جي مخالف رانديگر نوريه پيريزاس ڊياز کي شڪست ڏئي ٻئي رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي، ميڪسيڪو جي رياست يوڪاٽن جي گادي واري شهر ميريڊا ۾ جاري ڊبليو ٽي اي ايونٽ ۾ کيڏيل عورتاڻي سنگلز مقابلن جي شروعاتي رائونڊ ۾ آسٽريليا جي ٽينس اسٽار جانوويچ شاندار راند پيش ڪندي آمريڪي مخالف رانديگرياڻي ايلزبٿ هانا منڊلڪ کي 7-6 (11-9 ) ۽ 6-1 تان شڪست ڏئي ٻئي رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. هڪ ٻي ميچ ۾ آمريڪا جي ٽينس رانديگرياڻي اين لي پهرين رائونڊ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي اسپين جي رانديگرياڻي نوريه پيريزاس ڊياز کي اسٽريٽ سيٽس ۾ 6-0 ۽ 6-4 تان هارائي ٻئي رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي.اي