ڪراچي-23 آڪٽوبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي حڪومتي دور ۾ شروع ڪيل پوليو خلاف مهم کي ڪامياب ڪرڻ جي عزم تحت پنجن ڏينهن واري پوليو مهم دوران سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪندي اسيمبلي ميمبرن کي پنهنجن لاڳاپيل علائقن ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي پوليو ڦڙا پيارڻ جي نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اهڙو اطهار سنڌ جي وڏي وزير پوليو جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي صوبائي ٽاسڪ فورس جي اجلاس کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اجلاس ۾ بريفنگ جو مقصد شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي دور ۾ شروع ڪيل پوليو خلاف مهم جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ آهي. مراد علي شاهه چيو ته پوليو خلاف مهم 28 آڪٽوبر کان 3 نومبر تائين هلائي ويندي. ان دوران ٻارن کي ڦڙا پيارڻ کان انڪار کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. اهوئي سبب آهي جو مهم ۾ پارليامينٽ ميمبرن، چونڊيل نمائندن ۽ سول سوسائٽي کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ۽ عالمي پوليو پروگرام وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو. وزيراعليٰ هائوس ۾ پوليو جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پروگرام کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو 1994ع ۾ پوليو خلاف مهم شروع ڪئي، بدقسمتي سان 30 سالن کانپوءِ به اسان پنهنجي ٻارن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون . وڏي وزير چيو ته هن وقت سڄي ملڪ ۾ پوليو جا 40 ڪيس سامهون آيا آهن جن مان سنڌ ۾ 12، بلوچستان ۾ 20، خيبرپختونخواهه ۾ 6 ۽ پنجاب ۾ هڪ ڪيس سامهون آيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ 23 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ پاڪستان ۾ پوليو جي ڪيسن ۾ واڌ جو وڏو سبب افغانستان مان ماڻهن جي آزاد اچ وڃ ۽ پوءِ هڪ صوبي کان ٻئي صوبي تائين چرپر آهي. مراد علي شاهه چيو ته پوليو خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ حڪومت پنهنجي قومي ۽ عالمي ڀائيوارن سان گڏجي صوبي مان پوليو جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کي يقيني بڻايو وڃي، ناڪامي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي. وڏي وزير اهو به چيو ته ايس ايس پيز کي واضح هدايتون ڏنيون ويون آهن ته پوليو ٽيمن کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن اهي ٽارگيٽ حاصل ڪري سگهن، سمورا ايس ايس پيز روزانو جي سيڪيورٽي انتظامن جي رپورٽ به وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ کي موڪليندا. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ پوليو خلاف جنگ ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. 1990ع ۾ اهڙا هزارين ڪيس هئا جيڪي هاڻ ڊبل ڊيجيٽ ۾ آهن. هن ان ڪاميابي کي هيلٿ ورڪرز، سوشل ورڪرز ۽ حڪومتي حڪمت عملي جي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو ته پوليو جو عالمي ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اڃا تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ پوليو جي خاتمي جي ويجهو آهي. 1994ع ۾ پاڪستان ۾ پوليو خلاف مهم جي شروعات کان وٺي، سنڌ هر ٻار کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ ۾ اڳڀرائي جو ڪردار ادا ڪيو آهي. 1994ع ۾ پاڪستان ۾ هر سال 20 هزار ڪيس رڪارڊ ڪيا ويندا هئا پر هاڻي اهو انگ انتهائي گهٽجي ويو آهي پر جنگ اڃا ختم نه ٿي آهي. ان موقعي تي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو اڄوڪي ڏينهن جي اهميت کي اجاڳر ڪندي چيو ته اسان پوليو جي خاتمي جو مقصد حاصل ڪرڻ جي ويجهو پهچي ويا آهيون. سنڌ حڪومت هر ٻار کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ لاءِ پرعزم آهي. اهي ڦڙا اسان جي ٻارن جو مستقبل محفوظ ڪن ٿا. هن چيو ته هلندڙ سال سنڌ ۾ 12 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جيڪي پوليو جي خاتمي جي ڪوششن ۾ ڪاميابي جي عڪاسي ڪن ٿا پر اڃا گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ حڪومت عالمي ادارن جي سهڪار سان سڄي صوبي ۾ پوليو خلاف مهم جاري رکندي. 28 آڪٽوبر تي اسان نيشنل اميونائزيشن ڏينهن جي مهم شروع ڪري رهيا آهيون. ان دوران پنجن سالن کان گهٽ عمر جي هر ٻار کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا ۽ ان سان گڏ وٽامن اي جو سپليمينٽ به ڏنو ويندو ته جيئن انهن جي مدافعتي قوت وڌائي سگهجي. ان دوران هزارين پوليو ورڪرز حساس ضلعن ۽ ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن تي ڌيان ڏيندا. ايمرجنسي آپريشن سينٽر سنڌ جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر ارشا علي سوڍڙ هيلٿ ورڪرن جي عزم کي ساراهيو. هن چيو ته اسان جون هيلٿ ورڪرز پوليو خلاف مهم ۾ ڪرنگهي جي هڏي مثل آهن، انهن کي ميدان ۾ تمام گهڻيون ڏکائيون هونديون آهن پر هر ٻار کي پوليو کان بچائڻ جو سندن عزم متاثر ڪندڙ آهي. اميد ته سندن لڳاتار ڪوششن سان سنڌ ۾ پوليو جو آخري ڪيس جلد ڏسنداسين. ان موقعي تي وڏي وزير پوليو جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي والدين کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارين. ان دوران والدين ۽ مقامي ماڻهن جو سهڪار تمام ضروري آهي ته جيئن ٻارن کي هن موذي مرض کان بچائي سگهجي. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير صوبائي ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي پوليو ڪيسن جي تازي صورتحال ۽ ان جي خاتمي لاءِ حڪومتي ڪوششن بابت تفصيلي بريفنگ ورتي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سڄي صوبي جي 30 ضلعن ۾ پوليو خلاف مهم دوران پنجن سالن کان گهٽ عمر جي هڪ ڪروڙ 60 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف آهي جڏهن ته ڇهن مهينن ۽ پنجن سالن تائين 5 سالن کان گهٽ عمر جي 95 لک ٻارن کي وٽامن اي جا ڪيپسول ڏنا ويندا. ميرپورخاص ڊويزن جي شهرن ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ پوليو مهم 25 آڪٽوبر تي شروع ٿيندي جڏهن ته ٻين 27 ضلعن ۾ پوليو خلاف مهم 28 آڪٽوبر سومر کان شروع ٿيندي. مهم ۾ 80 هزار فرنٽ لائن پوليو ورڪرز حصو وٺندا. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته رهجي ويندڙ ٻارن کي ڦڙا پيارڻ جي خاص مهم ۾ انڪار ڪندڙ 39 هزار 908 ماڻهن مان 30 سيڪڙو يعني 11 هزار 896 تائين پهچي ويا آهيون. 48 سيڪڙو جنهن ڦڙا پيارڻ لڳائڻ کان انڪار ڪيو يعني 5 هزار 764 ۽ غير حاضر 51 هزار 448 ٻارن جو پتو لڳائي انهن نيکي ڦڙا پيارا ويندا. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، سيد سردار شاهه، سعيد غني، ڄام خان شورو، شاهينه شير علي، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد اوڍو، صوبائي سيڪريٽريز، ڪمشنرز، ڊپٽي ڪمشنرز، صوبائي ڪوآرڊينيٽر ايمرجنسي آپريشن، انچارج صوبائي حڪومت پارٽنر عزيز ميمڻ، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ڊاڪٽر سارا، پوليو مهم سان لاڳاپيل ٻين آفيسرن، پوليو ورڪرن ۽ ٻارن شرڪت ڪئي. پوليو ڏينهن جي پروگرام تي وڏي وزير، صوبائي وزيرن ۽ ٻين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ۽ تحفا پڻ ڏنا.