ڪراچي-23 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي 13هين ورسي جي موقعي تي پنھنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ آئين، انصاف ۽ برابري جي جدوجهد ۾ بيگم نصرت ڀٽو جون خدمتون ۽ قربانيون لازوال آهن جنهن آمر جرنل ضياءُ الحق خلاف تاريخي ايم آر ڊي تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي ۽ عام ماڻهن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاڪستان جي جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ ۾ بيگم نصرت ڀٽو جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو ملڪ ۾ آئين ۽ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ قيد ۽ اذيتون برداشت ڪيون. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته بيگم نصرت ڀٽو مادر جمهوريت جو لقب رکندڙ شخصيت هئي.هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جون ملڪ ۽ قوم لاءِ ڏنل قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو اسان جي دلين ۽ تاريخ ۾ هميشه زندهه رهندي.