اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي وقتي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي چيو آهي ته پاڪستان چين سان پنهنجي ويجهن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. خيالن جو اظهار چين جي صوبي زيانگ جي هڪ اعليٰ سطحي وفد جنهن ۾ مسٽر يوان ين من جي سربراهي ۾ وقتي اسپيڪر سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وقتي اسپيڪر اقتصادي راهداري منصوبي تي عملدرآمد لاءِ چيني قيادت جي عزم کي ساراهيندي چيو ته سي پيڪ منصوبو گيم چينجر ثابت ٿيندو ۽ ان جي تڪميل سان خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو هڪ نئين دور جو آغاز ٿيندو.