اسلام آباد – 21 جولاءِ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ضرب عضب ۽ ڪراچي آپريشن سان ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ اقتصادي ترقي ۽ استحڪام ايندو ۽ ماڻهن کي سيڙپڪاري جا موقعا ملندا، هن اها ڳالهه خميس ڏينهن حفيظ خان جي قيادت ۾ پاڪ آمريڪا بزنس فورم جي وفد سان ڳالهائيندي چئي. صدر ممنون حسين چيو ته آپريشن ضرب عضب ۽ ڪراچي آپريشن آخري دهشتگرد جي خاتمي ۽ امن جي مڪمل بحالي تائين جاري رهندو.