حيدرآباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي)سنڌ جي سينئير وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 18 آڪٽوبر جمعي جي ڏينهن حيدرآباد ۾ تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو ٿيندو، پيپلز پارٽي پنهنجن سمورن پراڻن جلسن جا رڪاڊ پاڻ ٽوڙيندي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي جلسي کي خطاب ڪندو. اهڙو اظهار هن خميس شام هٽڙي باءِ پاس تي جلسي گاهه ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي خيبر پختونخواهه جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڍي ۽ پيپلز پارٽيءَ جا مقامي اڳواڻ به ساڻس گڏ هئا. هن چيو ته ڪي پي ڪي جو گورنر خصوصي طور تي جلسي ۾ شريڪ ٿيڻ آيو آهي، جنهن کي اسان دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئون ٿا. هن چيو ته هي ڪو سياسي جلسو نه پر شهيدن سان عقيدت جي طور تي ورسي حيدرآباد ۾ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اڄ پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ورڪرن کي آئينده جي لائحه عمل جي باري ۾ ٻڌائيندو. هن چيو ته پارٽي چيئرمين جي واعدي تحت هن وقت دنيا جو سڀ کان وڏو رهائشي منصوبو سنڌ ۾ جاري آهي، سڄي دنيا ۾ ان کان وڏو پروجيڪٽ نه آهي. سنڌ ۾ هاري ڪارڊ به پهريون دفعو شروع ڪيو ويو آهي، جنهن تحت سنڌ حڪومت هن وقت تائين 20 ارب روپيا خرچ ڪري چڪي آهي. ان موقعي تي ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ هو ته 18 آڪٽوبر پيپلز پارٽي جي لاءِ هڪ ڪارو ڏينهن آهي، ان ڏينهن پيپلز پارٽيءَ جي ورڪرن کي شهيد ڪيو ويو هو. هن چيو ته حيدرآباد جي عوام ڪڏهن به پي پي پي کي مايوس ناهي ڪيو. پيپلز پارٽيءَ کي جڏهن به موقعو مليو ان حيدرآباد ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، ان ڪري حيدرآباد جي عوام هميشه پيپلز پارٽي جي نمائندن کي چونڊيو، هتي اچي ڏٺو آهي ته ترقياتي ڪم ڪيئن ٿيندا آهن. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ توهان ايندا ته توهان کي خبر ملندي ته ڌرڻو ڪڏهن آهي، جلسو ڪڏهن آهي ۽ ناچ گانو ڪڏهن آهي، توهان ڪڏهن به نه ٻڌندا ته ڪي پي ۾ ڪو ترقياتي ڪم ٿي رهيو آهي، ڪي پي ۾ هر هفتي عوام کي اسلام آباد تي چڙهائي جي لاءِ تيار ڪيو ويندو آهي اتان جي صوبائي حڪومت وٽ ڪو به ترقياتي منصوبو نه آهي.