ڪراچي-14 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شريڪ معزز مهمانن جي آجيان ۽ مختلف ملڪن جي سربراهن کي پاڪستان جي سرزمين تي ڀليڪار چوان ٿو. اهو اجلاس اقتصادي ۽ سياسي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. دوست ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا ۽ نوان رستا کلندا. علائقي جي خوشحالي، ترقي ۽ روشن مستقبل لاءِ اهو اجلاس اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو.