ڪراچي-11 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي ته آئيني ترميم جي حوالي سان وفاقي حڪومت سان ڳالھه ٻولهه جاري آھي، پاڪستان پيپلز پارٽي رڳو ان عمل جي حمايت ڪندي جيڪو ملڪي مفاد ۾ ھوندو. وفاقي حڪومت يا آءِ ايم ايف اسان سان اين ايف سي ايوارڊ يا 18ھين ترميم بابت ڪابه ڳالهھ ناھي ڪئي. جڏهن ته وفاقي حڪومت ڪجھه وزارتون ختم ڪري 18ھين ترميم تي عملدرآمد شروع ڪيو آھي. اها ڳالهه هن ڪالهه مقامي ھوٽل ۾ ورلڊ بينڪ جي سائوٿ ايشيا ڊولپمينٽ اپڊيٽ ۽ پاڪستان ڊولپمينٽ اپڊيٽ جي آڪٽوبر 2024ع جي شماري جي رُونمائي تقريب کي خطاب ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪئي. ھڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اڄ صبح اخبار ۾ پڙھيو آھي ته وفاقي حڪومت پنجن آءِ پي پيز سان بجلي جي خريداري جا معاهدا ختم ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سان بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿيندي. سيد مراد علي شاهه چيو ته هن اڳ ۾ تجويز ڏني هئي ته حڪومت کي اضافي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ اپاءِ وٺڻ گهرجن. اهي صنعتون جيڪي 8 ڪلاڪن جي نارمل شفٽ کانسواءِ رات جي شفٽ شروع ڪن ٿيون، انهن کي سستي اگهه تي بجلي فراهم ڪئي وڃي. جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، پيداوار ۾ بهتري ايندي ۽ وفاقي حڪومت پاران آءِ پي پيز کي ادا ڪيل ڪيپسٽي چارجز پڻ ڪم ايندا. ان کان پھرين ورلڊ بينڪ جي سائوٿ ايشيا اينڊ پاڪستان ڊولپمينٽ اپڊيٽ 2024ع جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته رپورٽ ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ ايشيا کي درپيش معاشي چئلينجز جا اهم تفصيل پيش ڪيا ويا آهن. رپورٽ پائيدار ترقي لاءِ روڊ ميپ حيثيت رکي ٿي. سيد مراد علي شاهه چيو ته 2022ع جي تباھ ڪندڙ برساتن سبب صوبي جو 70 سيڪڙو حصو پاڻي هيٺ اچي ويو ھو. انفراسٽرڪچر تباهه ٿي ويو. ڪووڊ-19 سبب پھرئين سستي جو شڪار ترقي وارو عمل وڌيڪ رڪجي ويو. ان جي باوجود سنڌ حڪومت انفراسٽرڪچر بحال ڪري صوبي جي عوام کي درپيش معاشي مسئلا حل ڪيا. سنڌ حڪومت سماج جي پٺتي پيل طبقن جي مدد لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. 2022 جي ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل 20 لک کان وڌيڪ متاثرين لاءِ هنگامي بنيادن تي گهر تعمير ڪرڻ جي رٿا ان سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي آهي. ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته رپورٽ ۾ توانائي شعبي جي گردشي قرضن کي اجاگر ڪيو ويو آهي، جنهن سبب بجلي جا بل تمام گهڻا وڌي ويا آهن. سنڌ حڪومت وفاقي ادارن جي سهڪار سان بجلي چوري گهٽائڻ ۽ بقايا ادا ڪرڻ لاءِ ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن. وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت غريبن جي مالي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي. غربت جي خاتمي لاءِ پيپلز پاورٽي پروگرام تحت غريبن کي ننڍا ڪاروبار ڪرڻ لاءِ بنا وياج جي قرض ڏنا پيا وڃن. پروگرام کي گلوبل ايگريڪلچرل ڊولپمينٽ فنڊ ۽ يورپي يونين جي مدد سان ننڍن ڪاروبارن تائين وڌايو پيو وڃي. رپورٽ ۾ حڪومت جي مقامي قرضن ۾ واڌ تي خدشن جو اظهار ڪندي سيد مراد علي شاهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي مالياتي نظم و ضبط جو يقين ڏياريو. هن چيو ته جيتوڻيڪ مقامي سطح تي قرض وٺڻ جي اجازت هجڻ باوجود سنڌ گهڻو ڪري قرض وٺڻ کان پاسو ڪيو آهي، ان جي بدران اسان ٽيڪس سڌارن ذريعي روينيو وڌايو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن جي بحاليءَ لاءِ عالمي ترقياتي شراڪتدارن کان تمام گهڻو قرض گهٽ شرح تي ورتو آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ جي توانائي پاليسي ۾ به مقامي وسيلن مان بجلي پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. نئين توانائي پاليسي جو اعلان جلد ڪيو ويندو. پاليسي تحت صوبي کي توانائي جي شعبي ۾ خودمختيار بڻائڻ لاءِ روايتي ۽ قابل تجديد ذريعن مان بجلي جي پيداوار ۾ مقامي ۽ عالمي سيڙپڪارن کي ترجيح ڏني ويندي. سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان کي خبر آهي ته گذريل ڪجهه سالن کان خطو خاص ڪري سنڌ ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي. 2022ع واري ٻوڏ ۾ صوبي جو 70 سيڪڙو حصو ٻڏي ويو. انفراسٽرڪچر ۽ فصلن کي نقصان پهتو، سنڌ حڪومت لاءِ مختصر مدي اندر انفراسٽرڪچر بحال ڪرڻ هڪ چئلينج بڻجي ويو ھو. تقريب کي خطاب ڪندي رٿابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت جي ترقياتي رٿائن تي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اثرائتي نموني عملدرآمد ڪري رهي آهي. رٿائن جي مڪمل ٿيڻ سان عوام کي فائدو ملڻ شروع ٿي ويو آهي. تقريب ۾ صوبائي وزيرن، ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، سعيد غني، سيد سردار شاهه، ڄام خان شورو، صلاحڪار نجمي عالم، وقار مهدي، صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه ۽ مختلف کاتن جي صوبائي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. ورلڊ بينڪ جون رپورٽس چيف اڪنامسٽ فار سائوٿ ايشيا مس فرانزيڪا اسڪاليز اينزورج ۽ ٻين خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.