حيدرآباد– 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي عوامي شاعر استاد بخاري کي سنڌ ۽ سنڌي شاعريءَ کان وڇڙئي 32 سال ٿي ويا آهن، 9 آڪٽوبر اربع ڏينهن سندس ورسيءَ ملهائي ويندي، سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر استاد بخاري جو اصل نالو سيد احمد شاهه هو هِن 16 جنوري 1930ع تي دادوءَ جي ڳوٺ غلام چانڊيي ۾ سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو، استاد بخاري جي ڪتابن ۾ گيت اسان جا جيت اسان جي، هي گيت گلابي ٻارن جا، اوتون جوتون، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، سوچون، ڀڻڪا، واڪا، لهر لهر دريا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي، زندگي زندگي، نه ڪم نبريو نه غم نبريو، ماندي ٿيءُ نه مارئي، ولولو ۽ ووڪ، ميلا ملهالا، وطن ۽ ويساهه، گلدستي ۾ گيت، بخاريءَ جا قطعا، پير نه هٽن پوئتي، ڌوڙ دل تي درد جي، گهڙيا سي چڙهيا، هي گجرا هي گولا، هڙئي هيج وطن جا، لهري لهري ۾ لالاڻ، ڳائي پيو جاڳائي پيو ۽ تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان (سرائڪي شاعري) شامل آهن، جڏهن ته مٿس پُڻ ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن. استاد بخاري ڪئنسر جي موذي مرض ۾ 9 آڪٽوبر 1992ع تي ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪيو، کيس دادو ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.